ذهني دٻاءُ ڇا آهي ۽ اسان جي جسم تي ڪيئن اثر وجهندو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسان سڀني کي زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ذهني دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اها ملازمت ٿي سگھي ٿو، گھر ۾ ڪنهن پياري جي بيماري يا مالي ڏکيائي وغيرهه به ٿي سگھي ٿي.

حقيقت ۾ روز مرهه جي زندگي ۾ اسان جون ننڍيون ننڍيون شيون يا چونڊ به اسان جي مزاج تي اندازي کان وڌيڪ اثر وجهي سگھي ٿي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: 35 سيڪڙو ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار، آپگهات لاڙي ۾ واڌ

هاڻوڪي هڪ تحقيق موجب 50 سيڪڙو آمريڪي شهري دٻاءَ جو شڪار آهن ( ان حوالي سان پاڪستاني شهري به ڪنهن کان پٺتي نه هوندو پر ان حوالي سان ڪي به باضابطا انگ اکر جاري ناهن ڪيا ويا).

پر اهو ڄاڻي وٺو ته هر طرح جو ذهني دٻاءُ نقصانڪار ناهي هوندو ۽ ان سان اوهان کي پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول ۽ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ۾ به مدد ملي سگھي ٿي.

يعني ڪجهه معاملن ۾ دٻاءُ اوهان کي مضبوطي فراهم ڪري گھڻو ڪم ڪرڻ ۾ به مدد ڏئي سگھي ٿو.

هر سال 10 آڪٽوبر تي ذهني صحت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي ۽ ان موقعي تي اهو ڄاڻڻ گھرجي ته ذهني دٻاءُ جسم سان گڏوگڏ دماغي تي ڪهڙي طرح ۽ ڪيتري حد تائين هاڪاري يا ناڪاري اثر وجهي سگھي ٿو.

دٻاءَ جو سبب ڪهڙو هوندو آهي؟

هر هڪ لاءِ دٻاءَ مختلف ٿي سگھي ٿو، ٿي سگھي ٿو ته جيڪا شيءِ اوهان کي دٻاءَ جو شڪار ڪري اها اوهان جي دوست لاءِ ڪجهه به نه هجي.

پر اسان سڀني جو جسم هڪ ئي طرح دٻاءَ تي ردعمل ظاهر ڪندو آهي، ڇو جو دٻاءَ تي رد عمل اوهان جي جسم جو سخت يا ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو طريقو هوندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: آمريڪا ۾ پوليو جهڙي پراسرار بيماري جو حملو

ان سان هارمونز، تنفس جو نظام، رت جي شريانين ۽ عضون جي نظام ۾ تبديليون اچي سگھن ٿيون، مثال طور دٻاءَ جي نتيجي ۾ دل جو ڌڙڪو تيز ٿي سگهي ٿو، ساهه منجهڻ، پگھر وهڻ لڳندو آهي، پر ان سان گڏ اهو جسماني توانائي جي لهر به فراهم ڪندو آهي.

ان کي جسم جو فائٽ يا فلائيٽ رد عمل چيو ويندو آهي ۽ ان ڪيميائي رد عمل جي ذريعي جسم جسماني رد عمل لاءِ تيار ٿيندو آهي ڇو جو ان کي لڳندو آهي ته اهو حملي جي وڪڙ ۾ آهي.

اوهڙيءَ طرح دٻاءَ انسانن جي ابن ڏاڏن کي ڏکين حالتن ۾ زندگي ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏني هئي.

سٺو دٻاءُ

ڪيترائي ڀيرا اوهان پاڻ کي ڪجهه وقت لاءِ دٻاءَ جو شڪار محسوس ڪندا آهيو، عام طور تي ان تي فڪر مند ٿيڻ جي ضرورت ناهي هوندي. مثال طور جڏهن اوهان کي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻو هوندو آهي يا ماڻهن جي آڏو خطاب ڪرڻو هوندو آهي، ٿي سگھي ٿو ته ان وقت اوهان کي پيٽ ۾ گڙ گڙ محسوس ٿئي ۽ هٿن جي ترين تي پگھر اچڻ لڳي.

اهو هاڪاري دٻاءُ سمجهيو ويندو آهي جنهن جي مدت گھٽ وقت هوندي آهي ۽ اهو جسم کي ڏکين حالتن کان گذرڻ ۾ مدد ڏيڻ جو ذريعو آهي.

خراب دٻاءُ

پر ڪڏهن ڪڏهن ناڪاري جذبا گھڻو پرتناءُ ثابت ٿيندا آهن، جيئن اوهان فڪرمند، ڪاوڙ، خوف ۾ هجڻ يا چڙچڙاهٽ جو شڪار هجو ته ان طرح جو دٻاءُ اوهان لاءِ  سٺو ناهي هوندو ۽ ڊگھي عرصي جي بنيادن تي سنگين مسئلن جو سبب به بڻجي سگھي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:

جيئن مٿي ڄاڻايل آهي ته دٻاءَ جو اثر هڪ هڪ تي مختلف ٿي سگھي ٿو، پر ذهني دٻاءَ جا ڪيترائي سبب ناڪاري اثر وجهي سگھن ٿا جيئن ڪنهن طرفان بدزباني يا توهين، گھڻي محنت، ملازمت کان محرومي، شادي شدهه زندگي جا مسئلا، طلاق ٿي وڃڻ وغيرهه.

ڊگھي عرصي وارو دٻاءُ

جيڪڏهن اوهان ذهني دٻاءَ کي گھڻو عرصو پاڻ تي طاري رهڻ ڏيو ته ان سان جسماني، ذهني ۽ جذباتي صحت تي تباهه ڪندڙ اثر پئجي سگھن ٿا، خاص ڪري تڏهن جڏهن اهو دائمي بڻجي وڃي. دائمي دٻاء جي علامتن کان آگاهي جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن ان کان بچي سگھجي.

ان جون علامتون هيٺ پڙهي سگھو ٿا:

جسماني توانائي ۾ گھٽتائي

مٿي جو سور

سيني ۾ تڪليف ۽ دل جو ڌڙڪو تيز ٿي وڃڻ

سمهڻ ۾ ڏکيائي، يا گھڻي ننڊڍ

مسلز ۾ تڪليف

ڏڪڻي، ڪنن ۾ گھنٽيون وڄڻ، هٿن ۽ پيرن ۾ ٿڌ جو احساس يا پگھر اچڻ

وات خشڪ ٿيڻ ۽ ڳيهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيڻ

هاضمي جا مسئلا

هاءِ بلڊ پريشر

ازدواجي لاڳاپن ۾ تبديليون

ان جون ذهني علامتون هونديون آهن

اهو احساس ٿيڻ ته اوهان ڪو به ڪم ٺيڪ نٿا ڪري سگهو

ٿوري ٿوري دير ۾ مزاج مٽجڻ

ذهني بيچيني

بي سڪوني

زندگي بي مقصد محسوس ڪرڻ

اداسي يا ڊپريشن

دٻاءَ جو سڀ کان وڌيڪ احساس:

ڪيترائي ڀيرا ائين محسوس ٿيندو آهي ته اوهان گھڻي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيا آهيو، جيڪڏهن اوهان کي لڳندو آهي ته اوهان کي وڌيڪ ان دٻاءَ کي قابو ۾ نٿا ڪري سگھو ته اوهان کي ڪنهن ماهر کان مدد وٺڻ لاءِ رجوع ڪرڻ تي غور ڪرڻ گھرجي.

جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر وٽ اوهان گھڻو ويندا آهيو ته ان سان ئي ڳالهائي ڏسو ته اهو ان ۾ اوهان جي مدد ڪري سگھي جنهن کي اوهان منهن ڏئي رهيا آهيو اهو ذهني دٻاءُ آهي يا ڪو ذهين بي چيني جو عارضو .

اهو ڊاڪٽر ڪنهن ذهني صحت جي ماهر طرف به موڪلي سگھي ٿو يا ڪو نالو تجويز ڪري سگھي ٿو.

تمام گھڻي دٻاءَ جون علامتون هيٺ پڙهي سگھو ٿا:

ذهني پيچيني يا خوف جا حملا

هر وقت فڪر مند رهڻ

هر وقت لاڳيتو دٻاءَ جو احساس

دٻاءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ منشيات جو استعمال

گھڻو کاڌو کائڻ

سگريٽ ڇڪڻ

گھروارن ۽ دوستن کان پري رهڻ

جيڪڏهن اوهان جو دٻاءُ ان حد تائين پهچي ويو آهي ته پاڻ کي يا ڪنهن ٻئي کي نقصان پهچائڻ جو سوچڻ لڳو ته فوري طور تي طبي امداد لاءِ رجوع ڪيو.

ذهني دٻاءُ ڪهڙي طرح اثر ڪندو آهي؟

ذهني دٻاءَ جو لاڳيتو شڪار رهڻ مٿي جي سور، هاءِ بلڊ پريشر، دل جي مرض، شگر، جلد جا مرض، دمو، جوڙڻ جو سور، ڊپريشن ۽ ذهني بي چيني وغيرهه جو شڪار بڻائي سگھي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.