خيرپور: ڪمشنر سکر جي کليل ڪچهري، شهرين طرفان شڪايتن جا ڍير

وامي آواز رپورٽ
خيرپور: ڪمشنر سکر جي کليل ڪچهري، شهرين طرفان شڪايتن جا ڍير
وامي آواز رپورٽ خيرپور: ڪمشنر سکر جي کليل ڪچهري، شهرين طرفان شڪايتن جا ڍير

 

خيرپور ويجهو ڪمشنر سکر جي کليل ڪچهري ۾ شهرين طرفان شڪايتن جا ڍير لڳايا ويا.

پير جو ڳوٺ ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر طرفان کُليل ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شهرين طرفان شڪايتون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر موجود آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪنگري تعلقي جي هڪ ديهه کي ماڊل طور کنيو وڃي جنهن ۾ ڪيمپ قائم ڪري فوتي کاتا ۽ سيل سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏنا وڃن.

هن چيو ته فوتي کاتن، سيل سرٽيفڪيٽ ۽ ٻين معاملن ۾ ماڻهن کي تڪليف نه ڏني وڃي، ڪرپشن ڪندڙ تپيدارن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

ڪمشنر سکر، ڊي اي او خيرپور کي هدايت ڪئي ته ڊرٻ ميهر شاهه ۾ بند پيل اسڪولن ۽ استادن جي کوٽ بابت معائنو ڪري رپورٽ ڏني وڃي.

ڪمشنر سکر هدايت ڪئي ته شاهه مردان شاهه اسڪول ۾ سائنس هال ٺاهڻ لاءِ ايسٽيميٽ رپورٽ ٺاهي ڏنو وڃي جلد ان لاءِ فنڊ منظور ڪرايا ويندا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.