خيرپور ضلعي انتظاميا پاران ٽائيفائيڊ جي مرض خلاف 11 کان 23 نومبر تائين ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مختلف تعلقن جي 18 يوسين ۾ 9 مهينن کان 15 سالن تائين 326344 ٻارن جو ٽارگيٽ مقرر ڪيوويو آهي، ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ 270 کان وڌيڪ ٽيمون حصو جوڙيون ويون آهن.
ڊپٽي ڪمشنر محمد نعيم سندهو جي صدارت هيٺ اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ صحت کاتي جي عملدارن ۽ رينجرز آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڊي سي خيرپور اجلاس دوران هدايتون ڏيندي چيو ته ٽائفائيڊ مرض کان پنهنجي ٻارن کي تحفظ ڏيارڻ اسانجي پهرين ترجيح آهي، مهم کي هر صورت ۾ ڪامياب بڻائڻ لاءِ علائقن ۾ يو سي ايم اوز ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن