ڪاش چين جيان 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪلي سگھان ها: وزيراعظم

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي خواهش هئي ته آئون چيني صدر شي جن پنگ جي مثال تي عمل ڪري سگھان ها ۽ پاڪستان ۾ 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل ۾ وجهان ها.

بيجنگ ۾ عالمي واپار جي هٿي لاءِ  قائم ڪيل چائنا ڪائونسل ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعي تي رٿيل ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي عمران خان چين جي 70 هين قومي ڏينهن تي اتان جي عوام کي مبارڪ پيش ڪئي.

هن چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته چين ڪيئن جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي غلطين مان سکيو ۽ اڄ چين دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت مان هڪ آهي.

وزيراعظم چيو ته چين ڪنهن ۾ وقت پاڪستان کان سکيو هو پر هاڻ وقت آهي ته پاڪستان، چين کان سکي، ذاتي طور تي مون کي جنهن شيءَ متاثر ڪيو اها 30 ورهين ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ هو، اهو انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته پاڪستان کي سڀ کان اهم شيءِ جيڪا چين کان سکڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙي طرح هنن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ جيڪو آئون هن وقت تائين سمجهيو آهي اهو آهي ته چين ڪاروبار کي دولت بڻائڻ جي اجازت ڏني، چين پنهنجي خاص اقتصادي زونز، برآمدات تي ڌيان ڏنو، ٻاهران سيڙپڪاري آندي ۽ دولت ٺاهي جنهن کي معاشري جي غريب طبقي تي خرچ ڪيو جيڪڏهن اسان به پاڪستان ۾ اهڙي طريقي تي عمل ڪرڻ چاهيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته چين کان آئون جيڪا ٻين شيءِ سکي اها بدعنواني کي منهن ڏيڻ هئي، صدر شي جن پنگ جي سڀ کان وڏي جنگ ڪرپشن خلاف آهي، گذريل 5 ورهين ۾ اخبارن ۾ پڙهيو ته هڪ چيني ميئر جي گھر مان ڪيترائي ٽن سون هٿ آيو ۽ 5 ڏينهن ۾ ان کي سزا ڏني وئي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته نه رڳو پاڪستان پر ٻين ترقي پذير ملڪن کي ان مان جيڪا شيءِ سکن جي ضرورت آهي اُها آهي ته ڪرپشن سيڙپڪاري کي روڪي ڇڏي ٿي، ڪرپشن ملڪ ۾ ايندڙ سيڙپڪاري ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي.

خطاب دوران سندس چوڻ هو ته جڏهن کان اسان جي حڪومت اقتدار ۾ آئي اسان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي سولو بڻائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ۽ اسان چاهيون ٿا ته اهي ماڻهو پاڪستان ۾ منافعو ڪمائن.

عمران خان جو چوڻ هو ته وزيراعظم آفيس اسان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي موقعا فراهم ڪري رهي آهي، ڪاروبار ۾ سولايون پيدا ڪرڻ جو عمل وزيراعظم جي آفيس کان جاري آهي ۽ هاڻ اسان سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪئي آهي ڇو جو اسان سي پيڪ منصوبن ۾ مسئلا هئا جنهن سبب ان جو مختلف وزارتن تحت ٿيڻو هو.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻ اسان فيصلو ڪيو آهي ته هڪ اٿارٽي هوندي جيڪا سي پيڪ جي سمورن مسئلن کي حل ڪندي ۽ اها اٿارٽي وزيراعظم آفيس ۾ هوندي ته جيئن منهنجي آفيس پاڪستان ۾ سيڙپڪارن لاءِ سولايون پيدا ڪري سگھي.

ان موقعي تي وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان گوادر فري زون جي فيز ون جي پڄاڻي سوڌو مختلف قدم کنيا آهن.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان جا اسٽريٽجڪ هنڌ، ان جي نوجوان آبادي ۽ ملڪ ۾ معاشي بحالي خاص طور تي ڪاروباري ۾ سولايون پيدا ڪرڻ سوڌو خاص اقتصادي زونز (ايس اي زيز) ذريعي صنعتي حلقن ۾ سيڙپڪاري جا گھڻا سبب آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا: مولانا فضل الرحمان 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد نه ايندو: اعجاز شاهه

عمران خان پنهنجي خطاب ۾ انهن شعبن جو به نالو ورتو ۽ ٻڌايو ته ٽيڪسٽائيل، مينوفڪچرنگ، آءِ ٽي ۽ فنانشل سروسز، فزيڪل اينڊ ٽيڪنالوجي لاجسٽڪس، سياحت، سياحت ۽ مهمان نوازي، فوڊ پراسيسنگ ۽ زراعت، هائوسنگ سوڌو تيل ۽ گيس جي شعبن ۾ پاڪستان چيني سيڙپڪاري چاهي ٿو.

وزيراعظم زور ڏنو ته هي وقت آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي.

هن چيو ته وزيراعظم آفيس مان  اسان ملڪ ۾ وڏن سيڙپڪارن سان معاملا طئي ڪنداسين  ۽ سي پيڪ به وزيراعظم آفيس کان ئي ٻيهر ڏٺو ويندو.

ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته اهو پاڪستان ۾ هڪ بهترين وقت آهي ڇو جو اسان پنهنجي ملڪ کي ڪاروبار لاءِ کولي ڇڏيو آهي، تنهنڪري اهو ماڻهن لاءِ بهترين موقعو ته هو اچن ۽ سيڙپڪاري ڪن ڇو جو اسان پاڪستان ۾ ذهنيت کي تبديل ڪيو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ڪاروبار اچي ۽ پيسو ٺهي.

ان کان سواءِ خطاب کان پوءِ وزيراعظم بيجنگ ۾ گريٽ هال آف پيپل جو دورو ڪيو، جتي  سندس آجيان   چيني هم منصب ڪئي. ريڊيو پاڪستان موجب گريٽ هال ۾ آمد جي موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو  جڏهن ته افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪ جا ترانا وڄايا ويا.

ان موقعي تي چيني وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ موجود پاڪستاني وفد جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.

ان کان اڳ اعليٰ وزيراعظم عمران خان اعليٰ سطح جي سرڪاري وفد سان گڏ چين جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهتو هو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:

پرڏيهي آفيس جي پڌرائي موجب بيجنگ پهچڻ تي وزيراعظم جي آجيان چين جي ثقافت بابت وزير ليو شوگينگ، پاڪستان لاءِ چين جي سفير يائو جنگ ۽ چين لاءِ پاڪستان سفير نغمانه هاشمي ڪيو.

وزيراعظم جي پهچڻ تي ٽرائي سروس اسٽيٽڪ گارڊ طرفان سلامي پيش ڪئي وئي جڏهن ته عمران خان کي گلدستو به پيش ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.