ڀان سيد آباد: پورهيت پاران گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
ڀان سيد آباد: پورهيت پاران گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ ڀان سيد آباد: پورهيت پاران گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج

ڀان سيد آباد ۾ پورهيت پاران گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ عرس پنهيار جي رهواسي اقبال ڪنڀار معصوم ٻچڙن سوڌو پريس ڪلب پهچي بااثرن ظلم خلاف دانهيو.

سندس چوڻ هو علائقي جو منشيات فروش سندس گهر جي گهٽي تي قبضو ڪري نشي واريون شيون کپائي ٿو، جنهن کي روڊ کولڻ چيو ته هن جي پٽن گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي.

سندس چوڻ هو ته بااثر خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن پر پوليس گرفتار نه پئي ڪري، جڏهن ته هو کيس قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي هيسائي پيو.

متاثر وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي………………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.