ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 12 جو پهريون  پرومو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بهترين شاعري، من موهيندڙ سُرن وکيرڻ لاءِ ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 12 جو پهريون پرومو جاري ٿي ويو.

پاڪستان ۾ پاپ موسيقي کي آسمان جي بلندي تائين پهچائيندڙ مشهور ميوزيڪل بينڊ وائيٽل سائنز جو اڳوڻو ميمبر روحيل حيات ڪو ڪ اسٽوڊيو 12 هين سيزن کڻي موسيقي جي ميدان ۾ مداحن کي انٽرٽين ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي جنهن جو پهريون پرومو يوٽيوب تي جاري ڪيو ويو آهي جنهن کي واهپيدارن ۾ مقبوليت حاصل ٿي آهي ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي لکين ماڻهن پرومو کي ڏٺو جڏهن ته پهرين قسط 11 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي.

ڪوڪ اسٽوڊيو جي 12 هين سيزن جي جاندار پرومو صارفن جي بي چيني ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پرومو ۾ موسيقي جي اهميت تي روشني وڌي وئي آهي ۽ گڏوگڏ ان سيزن ۾ سر  وکيريندڙ سمورن گلوڪارن کي متعارف ڪرايو ويو آهي. پرومو ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته اها سيزن مداحن جي دلين ۾ گھر ڪندي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: هالي ووڊ اداڪار رابرٽ ڊي نيرو تي جنسي هراساني جو الزام

ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 12 جي ستارن ۾ عاطف اسلم، راحت فتح خان، حديقه ڪياني، ابرار الحق، عائمه بيگ، شجاع حيدر، علي سيٺي، فريد اياز، فريحه پرويز، ڪاشف دن، نمرا رفيق، قرات العين بلوچ، ريچل ويڪاجي، ساحر  علي بگا، صنم ماروي، شهاب حسين، عمير جسوال، زيب بنگش، ذوئي ويڪاجي شامل آهن. روحيل حيات ان کان اڳ ڪوڪ اسٽوڊيو جون شروعاتي 6 سيزنون پروڊيوس ڪري چڪو آهي جنهن کي عوام ۾ گھڻي مقبوليت حاصل ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.