دادو: نوجوانن کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنري سکيا ڏني پئي وڃي: رفيق جمالي

عوامي آواز رپورٽ
دادو: نوجوانن کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنري سکيا ڏني پئي وڃي: رفيق جمالي
عوامي آواز رپورٽ  دادو: نوجوانن کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنري سکيا ڏني پئي وڃي: رفيق جمالي

 

دادو جي سول اسپتال ۾ بينظير ڀٽو يوٿ پروگرام تحت صحت کاتي ۾ ڊسپينسري ۽ ٽيڪنيشن ڪورس پروگرام بابت ضلعي جي 60 کان وڌيڪ شاگردن کي آفر آرڊر ڏيڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، اي ڊي سي ون نظير احمد سومرو، ڊي ايڇ او زاهد حسين ڏاوڇ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي رفيق احمد جمالي چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير ڪندي يوٿ پروگرام تحت سکيا فراهم ڪري رهيا آهيون،

هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ايترا وصائل ناهن جو لکين بيروگارن کي نوڪريون ملي سگهن، بينظير يوٿ پروگرام تحت هزارين نوجوانن کي مختلف ٽيڪنيڪل ڪورس ذريعي سکيا ڏئي انهن کي روزگار پيدا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.