حڪومت جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: مولانا فضل الرحمان

پشاور (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف ختم نه ٿيندڙ احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هاڻ اسان جي اها جنگ حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندي.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جماعت ڪشميرين سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ سان گڏ ئي پنهنجي آزادي مارچ جي شروعات ڪندي.

هن چيو ته ٿيندڙ احتجاج لاءِ پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، جڏهن ته ملڪ گير احتجاج 27 آڪٽوبر تي ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ مان انسانن جو هڪ وهڪرو اچي رهيو آهي ۽ ان جو پهريو ٿاڪ اسلام آباد ئي هوندو جڏهن ته اسان جي جنگ جو ميدان سمورو ملڪ ئي هوندو،

جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه چيو ته منهنجي موقف کي پ پ ۽ آصف علي زرداري جي حمايت به حاصل آهي جڏهن ته ٻين سياسي جماعتن سان به رابطي ۾ آهيان.

سندس چوڻ هو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪري رهيا آهيون.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تنقيد جو هدف بڻائيندي حڪومت کي ناڪام ۽ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

هن مطالبو ڪيو ته حڪومت ڇڏي نئين اليڪشن ڪرائي وڃي جڏهن ته ٻيهر اليڪشن جي مطالبي تي اتفاق راءِ موجود آهي.

مولانا جو چوڻ هو ته 25 جولاءِ 2018ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي، پر هاڻ نااهل ۽ ناجائز حڪومت کي وڃڻو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: تعليمي ادارن ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ شاگردن ۽ استادن جي ڊرگ اسڪريننگ جو فيصلو

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه  حڪومت جي  حڪمت عملي بابت چيو ته موجودهه حڪومت ۾ روزگار فراهم ڪرڻ بدران ان جا سمورا موقعا ئي ختم ڪيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته مڪل ٻڏي رهيو آهي، هر پاسي اسان ناڪامي جو سفر ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي واپاري برادري حڪومتي قدمن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪامياب هڙتال ڪئي.

جي يو آءِ ف جي احتجاج ۾ مدرسن جي طالبن جي شرڪت بابت ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن جو مسئلو وڌائي حڪومت عالمي سپورٽ چاهي ٿي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: مولانا فضل الرحمان 27 آڪٽوبر کان حڪومت مخالف مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته آمريڪا ۾ ڪنهن سان ملاقات ڪئي وئي.

جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته حڪومت جو مدرسن وارو ڪارڊ فيل ٿي چڪو  آهي، مدرسا ان جو اثر ناهن وٺي رهيا جڏهن ته مدرسن جي شاگردن ۾ انعام ورهائي اسان کي ڪائونٽر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هڪ ڀيرو وري پنهنجي جماعت جي ملڪ گير احتجاج تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته جڏهن انسان ميدان ۾ لهندو آهي ته اهو گرفتاري کان ناهي ڊڄندو، پر گرفتارين سان رڳو شِرُ وڌندو .

هن چيو ته اسان جي جماعت ادارن سان ٽڪراءُ نٿي چاهي ۽ انهن جو احترام ڪندي آهي.

واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان طرفان حڪومت خلاف آزادي مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جي حمايت پ پ طرفان ڪئي وئي آهي پر بلاول ڀٽي جي جماعت هن وقت تائين ان ۾ شرڪت ڪرڻ بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.