شاداب خان جو قومي ٽيم سان گڏ 21 هين سالگرهه جو جشن

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان 21 ورهين جو ٿي ويو ۽ هن قومي ٽيم سان گڏ ڪيڪ ڪاٽي پنهنجي 21هين سالگرهه جو جشن ملهايو.

قومي ٽيم سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي تيارين جي سلسلي ۾ لاهور ۾ موجود آهي ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ تيارين جو سلسلو جاري آهي.

اڄ پريڪٽس لاءِ قذافي اسٽيڊيم روانو ٿيڻ کان اڳ قومي ٽيم شاداب خان جي 21 هين سالگرهه جو جشن ملهيايو ۽ ان دوران ڪيڪ به ڪاٽيو.

ان موقعي تي رانديگرن شاداب خان کي سالگرهه جي مبارڪ ڏني ۽ ليگ اسپنر ساٿي رانديگرن کي ڪيڪ به کارايو.

 

View this post on Instagram

 

Birthday celebrations of @shadab0800 🎂 🎉

A post shared by Pakistan Cricket (@therealpcb) on

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي ويڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ سڀ رانديگر خوشگوار موڊ ۾ شاداب کي مبارڪ ڏيندي نظر آيا.

رانديگرن ڪيڪ کائڻ کان پوءِ مصباح الحق مذاق ۾ چيو ته جنهن جنهن رانديگر ڪيڪ کاڌو آهي ان کان ميدان ۾ چار چار چڪر لڳرائيندس.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.