نيب چيئرمين جي ٽن هفتن ۾ لُٽيل رقم موٽائڻ جي دعويٰ…!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال دعويٰ ڪندي چيو آهي ته مون کي اختيار ڏيو ته ٽن هفتن ۾ لُٽيل ناڻو موٽائي ڏيکاريان.

لاهور ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته نيب عوام دوست ادارو آهي، مني لانڊرنگ ۽ بزنس ۾ گهڻو فرق آهي، سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ جا ڪيترائي ڪيس اسان جي حوالي ڪيا، نيب اداري جي ضرورت نه پوندي جيڪڏهن هر پاڪستاني عهد ڪري ۽ پنهنجي خود احتسابي شروع ڪري.

هن چيو ته ملڪ ۾ غريب جي حالت ڏسو، مهانگائي ڏسو، ان ۾ ڪو اهڙو ڪردار ناهي جيڪو نيب ادا ڪيو هجي، اشارا ٻڌائي رهيا آهن ته حالتون بهتري ڏانهن پيون وڃن.

سندس چوڻ هو ته هڪ طرفي احتساب جا الزام به لڳايا پيا وڃن، ڪجهه ماڻهو 35 سال اقتدار تي رهيا ۽ ڪجهه ماڻهن ئي آئي جمعو جمعو اٺ ڏينهن ٿيا آهن، مان احتساب ڪٿان شروع ڪندس، هڪ ڳالهه ياد رکو ته پاڪستان ۾ ڪو اهڙو شخص يا ادارو ناهي، جنهن ڪجهه غلط ڪيو هجي ۽ علم هجڻ باوجود نيب ان خلاف ڪارروائي نه ڪري.

نيب چيئرمين چيو ته گذريل ٻن سالن ۽ ڪجهه مهينن ۾ اهڙو ڪجهه ٿيو جو جن ماڻهن ڏانهن ڪير ڏسي به نه سگهندو هو، اهي سوالن جا جواب ڏئي رهيا آهن، ڪو شخص قانون کان مٿانهون ناهي، گهڻو وقت اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو جيڪو غلط ڪندو اهو ڀوڳيندو، ڪجهه ڪيسن ۾ دير ٿي پر هر شئي جو اختيار نيب جي دائري ۾ ناهي.

جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته ٻه ٽي ڏينهن اڳ هڪ پروگرام ۾ ڪجهه ماڻهن چيو ته نيب اڄ تائين ڇا ڪيو آهي؟ سعودي عرب جو مثال نيب سامهون ناهي؟ انهن هوٽل ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي رکيو ۽ جوابدارن 4 هفتن ۾ رهتون ادا ڪري ڇڏيون، مون کي 4 ڪلاڪ ڪنهن کي غير قانوني طور رکڻ جي اجازت ناهي، اتي بادشاهت آهي، جيڪو چوندا آهن قانون بڻجي ويندو آهي، مان جيڪڏهن اڄ ڪنهن کي گرفتار ڪيو آهي ته مون تي اهو لازمي آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ ان کي عدالت ۾ پيش ڪيان، توهان مون کي اهو اختيار ڏئي ڇڏيو، سعودي عرب کي 4 هفتا لڳا، مون کي 3 هفتا ڏئي ڇڏيو ته اهو ڪم ڪري ڏيکاريندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.