ورلڊ ڪپ کانپوءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ جو نئين مئنيجمينٽ سان شروع ٿيل نئون دور

شاهه رخ علي سنديلو

انگلينڊ ۽ ويلز ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ 2019 کان پوءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ وارو معاملو ته طئي هو ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ ختم ٿيندي ئي چيف سليڪٽر جي استعيفيٰ کانپوءِ نئين مئنيجمينٽ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جيتوڻيڪ هيڊ ڪوچ پي سي بي کي مدي ۾ واڌ جي آڇ به ڪئي هئي پر بورڊ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ورلڊ ڪپ کانپوءِ مئنيجمينٽ جي تبديلي اڻٽر آهي.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ انهن ٻنهي عهدن لاءِ مضبوط اميدوار طور مصباح الحق جو نالو سامهون آيو هو ۽ سڀني جو خيال هو ته اڳوڻي ڪپتان کي انهن ٻنهي عهدن ڪو هڪ ته ضرور ملندو پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي فيصلي ان وقت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن مصباح الحق کي هيڊ ڪوچ سان گڏوگڏ چيف سليڪٽر جي ذميواري به ڏني وئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تاريخي فيصلو ڪندي مصباح الحق کي ٽن ورهين لاءِ هڪ ئي وقت چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو، ان سان گڏوگڏ اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس کي به ٽن ورهين لاءِ ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو.

مصباح الحق کي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿئي ڪو گهڻو وقت ناهي ٿيو ۽ کيس هڪ ئي وقت ٻه اهم ذميواريون ڏيڻ جتي گهڻن ماڻهن لاءِ حيران ڪندڙ فيصلو هو، اتي ئي اهو فيصلو اڳوڻي ڪپتان جي فائدي ۾ ان ڪري نظر اچي رهيو آهي، ڇو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ موجود اڪثر رانديگر سندس ڪپتاني هيٺ کيڏي چڪا آهن ۽ مصباح الحق جي انهن سان سٺي هم آهنگي هوندي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اسلم آزاد جي واهر ڪرڻ گهرجي

مصباح الحق جو هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر طور پهريون امتحان سريلنڪا خلاف هوم سيريز آهي، جنهن لاءِ ٽيم ۾ نوان چهرا متعارف ناهن ڪرايا ويا ۽ لڳ ڀڳ ساڳين رانديگرن تي ڀاڙيو آهي.

سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ سرفراز احمد کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، بابر اعظم کي نائب ڪپتان جي ذميواري ڏني وئي آهي، جڏهن ته محمد نواز، محمد رضوان ۽ عثمان شنواري جي واپسي ٿي آهي، ان سان گڏوگڏ عابد علي ۽ افتخار احمد کي به آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪا ڪهل ڪيو ڪاڇي تي

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مصباح الحق ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جي اعلان کان اڳ شروعاتي 20 رانديگرن ۾ احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي به شامل ڪيو هو ۽ سڀني اهو پئي سوچيو ته انهن ٻنهي رانديگرن کي، جيڪي باصلاحيت رانديگر هجڻ باوجود پنهنجي غلطين جي ڪري ٽيم ۾ اِن ۽ آئوٽ ٿيندا رهيا آهن، جي واپسي ٿيندي پر کين ون ڊي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو، ان باوجود اوپننگ ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين کي مختصر ترين فارميٽ لاءِ اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ جا واضح امڪان آهن.

مصباح الحق جو سڀ کان وڏو چئلينج ايندڙ سال آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آهي ۽ لڳي ائين رهيو آهي ته هن هاڻ کان ئي ميگا ايونٽ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، اهو ئي سبب آهي جو مصباح الحق اوپنر احمد شهزاد ۽ مڊل آرڊر ۾ جارحاڻي راند کيڏڻ جي صلاحيت رکندڙ عمر اڪمل جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ واپسيءَ جو سوچيو آهي ۽ کين سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ آزمائي هو ٻنهي کي ٽيم ۾ واپسيءَ جو رستو ڏيکاري رهيو آهي.

هونئن به هوم سيريز ۾ احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل لاءِ سريلنڪا جي پهتل جونيئر ٽيم خلاف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجي سليڪشن درست ثابت ڪرڻ ۽ مصباح الحق جو ڀرم رکڻ جو سٺو موقعو آهي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن اهو چئجي ته قومي ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر طرفان پراڻن چهرن تي ڀاڙڻ به پهرين امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي سوچ آهي ته غلط نه هوندو.


Leave A Reply

Your email address will not be published.