اسلم آزاد جي واهر ڪرڻ گهرجي

اعجاز چانڊيو

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته شل خدا ڪنهن کي بيوس ۽ لاچار نه ڪري، مون کي اها چوڻي بار بار ذهن تي ڦرندي پئي آئي، جڏهن مون ميڊيا تي آيل ان شخص جون تصويرون ڏٺيون، اهو اڄ مڪمل طور تي ضعيف ٿي چڪو آهي، هلڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ کان لاچار بڻيل ان شخص جي تصويرن کي ڏسي سچ ته تمام گهڻو ڏک ٿيو، جنهن کي مون سدائين پنهنجن تحريرن ۽ تقريرن ۾ اسٽيج تي بيهي توڙي ڪتابن ۾ لکي سنڌ جي نوجوانن کي اتساهيندڙ، جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻ، وطن ۽ مسڪين ماڻهن سان پيار ڪرڻ وارا پيغام ڏيندي ڏٺو هو ۽ ٻڌو هو.

اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته بليڪ ان وائيٽ ٽي وي تي نامياري صحافي، ليکڪ ۽ جڳ مشهور ڪمپيئر اسلم آزاد کي پي ٽي وي جي مشهور پرک پروگرام ۾ ڏسندا هئاسين، سندس لهجو ۽ ڳالهائڻ جو انداز پيو من کي موهيندو هو، پرک پروگرام سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور هوندو هو، جنهن ڪري اسلم آزاد کي وڏا توڙي ننڍا سڃاڻيندا هئا ۽ کيس قدر جي نگاهه سان ڏٺو ڏيندو هو. اخبارن، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي اسپتال وارين آيل سندس تصويرن کي ڏسي ۽ ان خبر کي پڙهي ته هو جڏهن بيمار ٿيو آهي ته هن فقيري طبيعت رکندڙ انسان جو ڪنهن سٺي اسپتال مان علاج ڪرائڻ بدران کيس گهر جي نوڪرن وارن هڪ ڪمري ۾ لاعلاج ڪري هڪ کٽ تي سمهاري ڇڏيو ويو، پنهنجا به کيس ڇڏي ويا ۽ هڪ کٽ تي پيل صحافت جي تمام وڏي نالي اسلم آزاد لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان کاڌو ئي ناهي کاڌو، کيس لاوارث ڇڏي ويو، ان وقت مون کي اها چوڻي ياد پئي آئي ته خدا ڪنهن کي لاچار ۽ بيوس نه ڪري.

هي اهو اسلم آزاد آهي، جنهن پنهنجي جواني وارا ڏينهن تمام گهڻي خوشحاليءَ وارا گذاريا، هو ان وقت ٽي وي ۽ اخبارن تي ڇانيل رهيو، ان دوران هو پنهنجي فيملي جي ماڻهن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي سنڀاليندو رهيو، مون کيس ڪجهه عرصو اڳ حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ ڏٺو هو، جتي هو هڪ بنگلي ۾ رهندو هو، وٽس هڪ ڪار به هئي، هن پنهنجي سڄي زندگي ڪنهن جي غلاميءَ ڪرڻ بجاءِ ڪنڌ مٿي ڪري گذاري، هو ڪڏهن به ثقافت کاتي يا حڪومت جي مدد جي آسري نه رهيو، جڏهن پرک پروگرام کي پي ٽي وي تان ختم ڪيو ويو ته صحافت ۽ ثقافت سان پيار کيس ويهڻ نه ڏنو، هن ٻين ادارن ۾ ڪم ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ئي گهر جي هڪ ڪمري ۾ هڪ ڪمپيوٽر رکي هڪ اخبار ۽ ميگزين ڪڍڻ شروع ڪيو، انهن ذريعي هو ٻولي، ڌرتي ۽ مسڪين ماڻهن جي قلم ذريعي خدمت ڪندو رهيو، پر هاڻ جڏهن کيس خدمت ۽ مدد جي ضرورت پئي ته کيس اڪيلو ڪري هڪ ڪمري ۾ هڪ کٽ تي ننڌڻڪو ڪري سمهاريو ويو، جتان هو باٿ روم تائين به وڃي نه پئي سگهيو، کيس فالج جي بيماري ٿي وئي ۽ هو تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو.

اسلم آزاد جي حالت خراب هجڻ بابت جڏهن ميڊيا تي خبرون هليون ته کيس سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان به کيس ڊاڪٽرن اهو چئي گهر اماڻي ڇڏيو ته ساڻس گڏ رهڻ ۽ سندس سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪو به ناهي، تنهن ڪري کيس اڪيلي سر اسپتال ۾ رکي نٿو سگهجي، ويجهن عزيزن به سندس علاج ڪرائڻ بدران سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ ابتدائي ٽيسٽون ڪرائي کيس شريف اسڪوائر واپس لاوارث حالت ۾ سرونٽ ڪوارٽر حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻيهر جڏهن سندس بيماري جون خبرون ميڊيا تي هليون ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي اسلم آزاد جو علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، اهڙين هدايتن کان پوءِ ڪمشنر حيدرآباد جي هدايت تي ضلعي انتظاميا جو هڪ وفد رات دير سان اسلم آزاد کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ سروينٽ ڪوارٽر ڏانهن پهتو ۽ کيس ٻيهر سول اسپتال حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، جتي به سندس حالت بهتر ناهي، اهڙي صورتحال ۾ ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت جو فرض ٿو ٿئي ته جنهن شخص پنهنجي جوڀن دوران انسانذات ۽ ڌرتي جي خدمت ڪئي، کيس لاوارث نه ڇڏيو وڃي ۽ ڪنهن سٺي اسپتال مان سندس علاج ڪرائي سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.