سنڌي سماج گذريل اڌ صديءَ کان ڪارو ڪاريءَ جهڙي هٿ ٺوڪئي ۽ انسان سوز رسم جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، جنهن جي شدت ۾ هاڻي تيزي اچي وئي آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي روز جي بنيادن تي اخبارن ۾ انهيءَ معاملي متعلق ڪيئي خبرون شايع ٿينديون رهن ٿيون، سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي رسم جو وڌڻ گذريل پنجاهه سالن جي ڳالهه آهي ان کان اڳ سنڌي سماج ۾ ڪاروڪاريءَ جهڙي ڪنهن به رسم جو وجود نه هيو، جيڪڏهن ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا ٿيندا به هيا ته اهي غير سنڌي قبيلن ۽ برادرين ۾ ٿيندا هيا، ڇو جو اهڙو ڪڌو عمل ڪنهن به طور تي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو حصو نه رهيو آهي ۽ سنڌ جي قديم سماج ۾ ته اهڙي ڪڌي عمل جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي، سنڌ ۾ ڪاروڪاريءَ جي رسم جو آغاز سنڌ ۾ ٻين قومن ۽ ذاتين جي قبيلن ۽ برادرين جي آباد ٿيڻ بعد شروع ٿئي ٿو خاص ڪري ٻروچ/ بلوچ قبيلا، ظاهر آهي جڏهن به ڪو قبيلو ڪنهن به علائقي ۽ خطي ۾ ويندو آهي ته اهو پنهنجيون ريتون، رسمون ۽ ثقافت کڻي ويندو آهي، اهڙي ئي نموني سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي رسم جو سنڌ ۾ آغازٿيو ۽ اڄ به حقيقت اها آهي ته ڪاروڪاريءَ جي رسم جا نوي سيڪڙو واقعا غير سنڌي برادرين، قبيلن يا ذاتين ۾ ٿين ٿا، ان کان وڌيڪ سنڌ جي بدنصيبي اها آهي ته اهڙي رسم گذريل پنجاهه سالن کان جرڳائي وڏيرن جي گذرسفر جو وسيلو ٿي پئي آهي ۽ اهي ئي هن رسم کي مختلف طريقن، حيلن، بهانن ۽ سازشن سان وڌائي رهيا آهن.
خيرپور ۾ رمشا وساڻ کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ واري واقعي بعد جهڙي نموني انهيءَ قتل ۾ بااثر ماڻهن جي ڪردار متعلق ڳالهيون آڏو آيون آهن اها به ڪا نئين ڳالهه نه آهي، سنڌ ۾ جتي به ڪارو ڪاريءَ جو واقعو ٿيندو آهي ان بعد اهڙي قسم جا بااثر ماڻهو کنڀين وانگر نڪري نروار ٿيندا آهن ۽ جن جو ڪم ٻٽو قتل ڪندڙ جوابدارن کي هر صورت ۾ بچائڻ هوندو آهي، ڪاروڪاريءَ جي واقعن ۾ اهي جرڳائي سردار ڪيترن ئي رخن کان ڪارروايون ڪندا آهن، رمشا وساڻ قتل ڪيس ۾ مٿس ڪارنهن جو الزام هنيو ويو، جڏهن ته نياڻيءَ جي عمر اڃان تيرنهن سال هُئي ۽ اٺين جماعت ۾ پڙهندڙ هُئي جوبدارن ان کي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هڪ معصوم نياڻي جيڪڏهن ان کي گُل به زور سان هڻجي ته ان کان رڙ نڪري ويندي ان کي ظالمن ڪلاشنڪوف جون نو گوليون هڻي قتل ڪيو، رمشا قتل ڪيس ۾ ملوث پنج جوابدارن مان فقط ٻه جوابدار گرفتار ٿيا جيڪي به ٿاڻي تي مهماني کائي رهيا آهن، هاڻي صورتحال اها آهي ته جرڳائي سردارن مان هڪ فتوى جاري ڪندي هڪ نوجوان کي ڪارو قرار ڏئي کيس قتل ڪرڻ جي فتوى جاري ڪري ڇڏي آهي.
هاڻي سوال اهو نه آهي ته رمشا وساڻ ۽ اظهار وساڻ ڪاروڪاري واري عمل ۾ ملوث هيا يا نه پر هاڻي سوال اهو آهي ته رمشا وساڻ کي ڪاري قرار ڏئي کيس قتل ڪرڻ جي فيصلو ڪنهن ڪيو ۽ قاتل کي ڪنهن اختيار ڏنو ته هو وڃي هڪ تيرنهن سالن جي نياڻيءَ کي قتل ڪن ۽ هڪ بااثر کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ته هو جرڳو ڪري هڪ نواجوان کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي فتوى جاري ڪري.
مٿي بيان ڪيل صورتحال اهڙي آهي جنهن ۾ سماج جو اهو وحشي چهرو ڏسي سگهجي ٿو جيڪو روز جي بنياد تي نياڻين کي ڪاري چئي قتل ڪري ٿو ۽ وري مردن کي ڪارو چئي انهن کي قتل ڪرڻ جي فتوى جاري ڪري ٿو، ۽ وري فيصلا ڪري ڏنڊ ڏوهه وٺي معافي تلافيون ڪرائي ٿو. مٿي بيان ڪيل سموري صورتحال اهو پڻ ٻڌائي رهي آهي ته اسان نه ته ڪنهن مهذب سماج ۾ رهون پيا ۽ نه ئي ڪنهن اهڙي دور ۾ رهون پيا جنهن کي جديد، تعليم يافته يا ترقي يافته چئي سگهجي، جتي قانون جي حڪمراني هُجي ۽ عوام کي انصاف ملندو هُجي، جتي انسان جي جذبن ۽ رشتن جو قدر ٿيندو هُجي، اسان ته مورڳو جهنگ ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون جتي رڳو جهنگ جو قانون ئي لاڳو ٿئي ٿو.
رمشا وساڻ قتل ڪيس ۾ سمورو سنڌي سماج اها گهر پرزور نموني ڪندو رهيو آهي ته سڀ کان پهريان رمشا وساڻ جي قاتلن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سزا ڏني وڃي ۽ ان بعد انهيءَ قتل ۾ ملوث بااثرن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وڃي، اسان انهيءَ سلسلي ۾ اڳ به ڪيئي ڀيرا اهو ئي چئي چڪا آهيون ته سنڌ ۾ پيدا ٿيل اهڙن ناسورن جو علاج فقط قانون ۽ ان تي عمل ٿيڻ آهي ان لاءِ ضروري آهي ته سياسي طور تي قائم ٿيل حڪومت ايوان ۾ سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي معاملي سميت جرڳن خلاف قدم کڻي ڪا قانون سازي ڪري، ڇو جو جرڳائي سردارن جرڳن جي صورت ۾ سنڌ ۾ هڪ الڳ ۽ متوازن عدالتي نظام جوڙي ڇڏيو آهي جنهن جي دنيا جو ڪوبه سڌريل سماج هرگز اجازت ڏئي نه ٿو سگهي، ۽ نه ئي سنڌي سماج کي ان جي اجازت ڏيڻ گهرجي، اسان رمشا وساڻ جي ڪيس بعد وري به سرڪار کي اها گذارش ڪنداسين ته پارليامينٽ جي فورم کي استعمال ڪندي ڪاروڪاري ۽ جرڳن خلاف سنڌي اسيمبليءَ ۾ قانون سازي ڪئي وڃي.