ديپڪ ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڊي آءِ جي عرفان بلوچ سميت ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، حيدرآباد ۾ پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل  ڊاڪٽر ديپڪ جي ڪيس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ سوڌو ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ سرڪار کي ڊاڪٽر ديپڪ جي علاج جو سمورو خرچ ڀرڻ ۽ هر مهيني 50 هزار رُپيا ڏيڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

عدالت ڏوهاري ڄاڻائي زخمي ڪيل ڊاڪٽر ديپڪ واري واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ورتي، جنهن جو سربراهه پوليس آفيسر ولي الله دل کي مقرر ڪيو ويو آهي،

هي به ڏسي پڙهي ٿا: مريم نواز 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل منتقل

جسٽس صلاح الدين جي سربراهيءَ ۾ 2 رُڪني بئنچ حيدرآباد پوليس مقابلي ۾ زخمي ڊاڪٽر ديپڪ ڪمار جي گهرواري جي درخواست تي انتهائي اهم فيصلو ڏنو آهي. عدالت موجودهه ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ اڳوڻي ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ سوڌو ٻين پوليس اهلڪارن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت چيف سيڪريٽري کي اهو به حڪم ڏنو ته ڊاڪٽر ديپڪ کي سرڪار طرفان 50 هزار رُپيا ماهوار خرچ ڏنو وڃي،

عدالت کي ٻڌايو ويو ته وڏي وزير طرفان به ڊاڪٽر ديپڪ جي علاج لاءِ اعلانيل رقم فوري طور جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

عدالت حڪم ڏنو ته ڊاڪٽر ديپڪ کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻو پوي ته موڪليو وڃي ۽ ان جو  سمورو خرچ به  سنڌ سرڪار ادا ڪندي. پوليس ڊاڪٽر ديپڪ جي مرڻ جو انتظار ڪندي رهي.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر ديپڪ کي بيدرديءَ سان نشانو بڻايو ويو، کيس زخمي ڪرڻ بعد پوليس سندس مرڻ جو انتظار ڪندي رهي. هڪ سُکئي ستابي خاندان جو گهر اُجاڙيو ويو آهي، هن وقت ڊاڪٽر ديپڪ جو ڪُٽنب ڪسمپرسي واري حالت مان گذري رهيو آهي.

هي به ڏسي پڙهي ٿا: آزاد ڪشمير ۾ زلزلي جا آفٽر شاڪس، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو

عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر ديپڪ جي ڪراچي جي ڪورنگي  علائقي ۾ ڪلينڪ هئي، جتان هو مائٽن سان ملڻ لاءِ حيدرآباد ويو هو ته ايس ايس پي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ پوليس 16 اپريل 2015ع تي کيس هاف فراءِ ڪيو.

پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ بعد ڊاڪٽر ديپڪ کي بدنام ڏوهاري شريف پنهور ڄاڻايو. پوليس اهڙن مقابلي ۾ زخمي ٿيلن کي هاف فراءِ ۽ مارجي ويلن کي فُل فراءِ سڏيندي آهي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.