نوابشاهه ۾ اسڪول کان موٽندڙ 4 شاگرد روڊ حادثي ۾ زخمي

 

نوابشاهه (رپورٽ: رحيم لاشاري) نواب شاهه ۾ سانگهڙ روڊ تي حادثي ۾ 4 شاگرد زخمي ٿي پيا.

سانگھڙ روڊ جي ٽي واٽر اسٽاپ وٽ نوابشاهه جي پرائيوٽ اسڪول مان موٽر سائيڪل تي واپس گهر ويندڙ چار 4 شاگرد تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيا، جن کي پي ايم يو اسپتال داخل ڪرايو ويو.

زخمين ٿيندڙن ۾ 16 ورهين جو الهه ڏتو زرداري، 15 ورهين جو رزاق زرداري، 17 ورهين جو عنايت ۽ 13 ورهين جو صاحب شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.