گهرو وزير اعجاز شاهه جو سول ڪيس حل ڪرڻ لاءِ وڏو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته سول ڪيس ۾ پوليس جي مداخلت نه هوندي، فيصلا سول عدالتن ۾ ٿيندا ۽ هدايت ڪئي ته بنا مجاز مداخلت تي به معاملا سول عدالت جي ذريعي پراسس ڪيا ويندا.

تفصيل موجب گهرو وزير اعجاز شاهه سول ڪيس حل ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو، هاڻ سول ڪيس ۾ پوليس جي مداخلت ناهي ٿيندي، فيصلا سول عدالتن ۾ ٿيندا.

ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير اعجاز احمد شاهه آءِ جي اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر کي خط لکيو، جنهن ۾ لکيو ويو ته عدالت جي احڪمن کان سواءِ پوليس جي مداخلت منع ٿيل آهي،  ڪنهن به قسم جي غير قانوني مداخلت جي صورت ۾ سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:گهوٽڪي واقعي تي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي رابطي ۾ آهن: اعجاز شاهه

اعجاز شاهه واضح ڪيو ته قانون کان مٿانهون ڪير به ناهي ۽ هدايت ڪئي ته پوليس کي اختيارين جي بنا مجاز مداخلت تي به معاملا سول عدالت جي ذريعي پراسس ڪيا وڃن.

گهرو وزير ذاتي مفادن جي بنياد تي ڪيل قدمن تي ڪرڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي.

ٻئي پاسي وفاقي پوليس سڌارن جي حوالي سان به هڪ وڏو فيصلو ڪيو ويو، جنهن موجب پوليس سول يا ديواني ڪيس ڊيل نه ڪندي جڏهن ته ايراضي ۽ فيملي معاملن تي پوليس کي ڪيسن جو اختيار ختم ڪيو ويو آهي ۽ گهرو وزارت اختيار ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ سان لاڳاپيل تحريڪ انصاف جي نمائندن جي پارليماني وفد اڱاري ڏينهن گهر وزير اعجاز احمد شاهه سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر به موجود هو.

 وفد 14 سيٽپمبر تي گهوٽڪي ۾ پيش آيل واقعي تي خدشن جو اظهار ڪيو جنهن تي گهرو وزير مندر تي حملي جي جاچ ۾ ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.