تحريڪ انصاف جو ڪو سياسي مستقبل ناهي: پ پ اڳواڻ حسين شاهه جيلاني

 

گمبٽ (رپورٽ: محمد علي اڄڻ) پ پ اڳواڻ پير سيد حسين شاھه جيلاني چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪو به سياسي مستقبل ناهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽ مير محمد ۾ پ پ ڪارڪن ۽ خليفي محمد اشرف ناريجي جي ٽيجھي ۾ شرڪت ۽ وڏي پٽ محمد اڪرم ناريجو کي پڳ ٻڌارائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري خلاف ڪيترائي ھٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهي کيس قيد ڪيو ويو، احتساب جي آڙ ۾ ذاتي انتقام ورتو پيو وڃي.

هن چيو ته پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر نمرتا جي واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪن ٿا، اسين متاثر خاندان سان ڏک ۾برابر جا شريڪ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.