رتيديري ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۽ قتل جون ڌار ڌار ايف آءِ آرز داخل

 

رتوديرو (رپورٽ: طفيل ساريو) رتي ديري جي فتح پور پاڙي ۾ گذريل ڏينهن بجلي جي تار لڳرائڻ تان ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران محمد پڃل سومري جي قتل ۽ جھيڙي جون رتي ديري ٿاڻي تي ٻه الڳ الڳ ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون.

قتل جي ايف آءِ آر فريادي سڪندر پٽ عرض محمد سومري طرفان گناھه نمبر 119 -2019 قلم 302، 114، 148، 149، 237 تحت جوابدار وفا پٽ عبدالوھاب چانڊيي، شڪيل پٽ عبدالوھاب چانڊيي، نديم پٽ ڪمال چانڊيي سميت ٻن اڻ سڃاتلن مٿان داخل ڪئي وئي آھي.

ٻي جھيڙي جي ايف آءِ آر فريادي محمد پريل سومري طرفان چانڊيا برادري جي 30 ڄڻن مٿان داخل ڪرائي وئي آھي، جنھن ۾ 18 ڄڻن جا نالا شامل آھن ۽ 12 اڻڄاتل آھن.

چانڊيا برادري جي ڏيهه کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪالھه لاڙڪاڻو پوليس گرفتار ڪيو ھو، جن کي اڻ ڄاتل ھنڌ رکيو ويو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.