ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير 30 ڏينهن ڪلين مائي ڪراچي مهم جي نگراني لاءِ 18 رڪني مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ۽ ڪابينا جي ميمبرن کي ٽاسڪ به ڏئي ڇڏيا.
تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 30 ڏينهن جي صفائي مهم جي نگراني لاءِ 18 رڪني مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪابينا جي ميمبرن تي ٻڌل مانيٽرنگ ڪميٽي صفائي مهم جي نگراني ڪندي.
ڏکڻ ضلعي ۾ مرتضيٰ وهاب، اويس قادر شاهه ۽ رياض احمد تي ٻڌل ٽيم هوندي جڏهن ته اعجاز جکراڻي، شهلا رضا، راشد رباني کي سينٽرل ضلعي ۾ صفائي مهم جو نگران بڻايو ويو.
هي به پڙهي سگهو ٿا:ڪراچي جا گٽر بند ڪندڙ گروپ کي پڪڙڻ جو حڪم….!
اوڀر ضلعي ۾ اسماعيل راهو، فراز ڏيرو ۽ قاسم نويد کي مهم جي ذميواري ڏني وئي آهي ۽ مڪيش ڪمار، امتياز شيخ کي ڪورنگي ضلعو صاف ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو.
ثقافت وارو وزير سيد سردار علي شاهه ۽ پبلڪ هيلٿ وارو وزير شبير بجاراڻي ضلعي اتر ۾ نگراني ڪندا.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ مهينو جاري رهندڙ ” ڪلين مائي ڪراچي“ مهم جي ٻئين ڏيهن شهر جي دوري جي موقعي تي چيو هو ته مهم جي پهرين ڏينهن 7152 ٽن ڪچرو کنيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي ڏينهن به ڳرا پٿر 24 ارچ جي سيوريج لائن ملير 15 مان ڪڍيا ويا آهن جيڪي ڪراچي جي نالي ناتر اونر ۽ دوست چورائيندڙ ان مهم کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ وڌا هئا.
وڏي وزير لياقت ڪالوني، نيا آباد جو دورو ڪيو هو، جتي وڏي وزير عوام سان ملي انهن جون دانهون ٻڌيون هيون.
Sindh Chief Minister Syed Murad Ali Shah’s ‘Clean My Karachi’ promo. pic.twitter.com/jDzbDdNT7c
— CMHouseSindh (@SindhCMHouse) September 23, 2019
ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب جو روبرو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
قومي احتساب بيورو (نيب) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي 24 سيپٽمبر تي اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ طلب ڪيو آهي پر هو سڀاڻي پيش نه ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيد مراد علي شاهه نيب اختيارين کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن قومي احتساب بيورو اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وقت گهريو آهي.