پاڪستان ۽ ڪشمير جو هڪ جسم ۽ روح جو رشتو آهي….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عالمي برادري کي نريند مود جو اصل چهرو ڏيکاري اچي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جو هڪ جسم ۽ روح جو رشتو آهي.

هن چيو ته وزير اعظم جي آمريڪي دوري ۾ ڪشمير مسئلو پهرين نمبر تي آهي، وزير اعظم عمران خان عالمي اڳواڻن کي والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:عمران خان عام ماڻهو جو ساٿي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم عالمي برادري کي نريندر مودي جو اصل چهرو ڏيکاري ڇڏيو آهي، وزير اعظم عمران خان عالمي اڳواڻن کي والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهه ڪري رهيو آهي.

خاص مددگار چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪشميرين جو موقف ڄمي بيان ڪيو، وزير اعظم جو موقف آهي ته هر صورت ۾ ڪشمير سان گڏ بيٺا رهنداسين.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ اڄ مسلسل 50هين ڏينهن به ڪرفيو برقرا آهي ۽ مواصلات جو نظام مڪمل طور معطل آهي، قابض انتظاميا ٽيلي فون سروس بند ڪري رکي آهي جڏهن ته ميڊيا جي ذريعن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب مواصلاتي نظام جي معطلي، مسلسل ڪرفيو ۽ سخت پابندين جي ڪري ماڻهن کي ٻارن جي لاءِ کير، زندگي بچائيندڙ دوائن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي سخت کوٽ آهي.

 


ياد رهي ته ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته غريب ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڏسڻ عمران خان جو مقصد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.