27 سيپٽمبر جو مظاهرو ڪشمير لاءِ آخري جنگ جي ابتدا….!

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار نعيم الحق چيو آهي ته 27 سيپٽمبر جو مظاهرو ڪشمير جي لاءِ آخري جنگ جي ابتدا آهي، جنهن کان پوءِ آزادي ڪشمير جي تحريڪ ۾ نئون ساهه پوندو.

تفصيل موجب پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نعيم الحق آمريڪا ۾ پاڪستانين ۽ ڪشميرين جي جلسي کي خطاب ۾ چيو ته مودي خلاف 27 سيپٽمبر جو مظاهرو ڪشمير جي لاءِ آخري جنگ جي ابتدا آهي، 27 تاريخ کان پوءِ ڪشمير آزادي جي تحريڪ ۾ نئون ساهه پوندو هاڻ اسان جو امتحان آهي ته اسان ڪهڙي حد تائين وينداسين.

هي به پڙهي سگهو ٿا: حڪومت کي مخالف ڌر جي احتجاج جي ڪا پرواهه ناهي: نعيم الحق

ياد رهي ته 27 سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ مودي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، مظاهري ۾ پاڪستاني، ڪشميري سک، هندو ۽ ٻين مذهب جا ملڪ شرڪت ڪندا، مودي جي خلاف وڏي مظاهري کي نظر ۾ رکندي نيويارڪ پوليس ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.

جنهن موجب اسٽريٽ 42 کان 57 تائين پوليس جون هڪ هزار گاڏيون مقرر هونديون، مظاهرو ڪندڙن جي آساني لاءِ پوليس سمورا بندوبست سنڀاليندي جڏهن ته نيويارڪ پوليس 27 سيپٽمبر تي مين هٽن ۾ وڏين گاڏين جي اچ وڃ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ ڪندڙ گاڏيون مڊ ٽائون مين هٽن ۾ پهچايون وينديون.

ان کان اڳ وزير اعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري چيو ته گڏيل قومن جي ٻاهران 27 سيپٽمبر تي ڪشيمرين جي حق ۾ تاريخي مظاهرو ٿيندو. گڏيل قومن جي ٻاهران 27 سيپٽمبر تي تاريخي مظاهرو ٿيندو.

 


واضح رهي ته وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار نعيم الحق جو چيو هو ته حڪومت کي مخالف ڌر جي ڪا پرواهه ناهي.
نعيم الحق چيو ته سينيٽ جو موجودا چيئرمين سٺو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ نئين چيئرمين لاءِ مخالف ڌر ڪنهن نالي تي متفق ناهي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.