سگريٽ جي غير قانوني واپار خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ملڪ ۾ سگريٽ جي غير قانوني واپار جو نوٽيس وٺندي ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وزير اعظم هائوس طرفان موڪليل خط ۾ صحت واري وزارت ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اختيارين کي سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آمريڪا ۾ اليڪٽرانڪ سگريٽ جي وڪري تي پابندي

خط ۾ چيو ويو آهي ته سگريٽ جي غير قانوني واپا سان ملڪي ناڻي کي ٽيڪس چوري جي مد ۾ نقصان ٿي رهيو آهي ان ڪري لاڳاپيل ادارا اهڙن ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪن.

صحت واري وزارت ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو اختيارين کي پنهنجي ماهوار ڪارڪردگي رپورٽ وزير اعظم آفيس ۾ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.


 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.