جمهوري نظام ۽ شاگرد يونين جي بحالي وارو سوال

حسيب لطيفي

دنيا جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست جو وڏو ڪردار رهيو آهي، آمريڪا هجي يا روس هجي برطانيا پر دنيا جا جيڪي به سڌريل ملڪ آهن انهن ۾ شاگرد سياست ۽ شاگردن تنظيمن کي تمام گهڻو همٿايو ويندو آهي، شاگرد سياست ۾ جيڪي به شاگرد اڳيان هوندا آهن، اهي اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي ۾ به اڳتي ئي رهندا آهن، جيڪي اڳتي هلي ملڪ جون واڳون سنڀاليندا آهن ۽  معاشري لاءِ بهترين ڪردار بڻجندا آهن.

نواجوان شاگردن جو شاگرد سياست ۾ هجڻ جو معاشري جي بهتري لاءِ سٺو عمل آهي، پر اسان وٽ شاگرد سياست ڪندڙ نوجوانن کي ڪيترن ئي الزامن سان نوازيو وڃي ٿو، لفظ ڪامريڊ جي اسان وٽ بدقسمتي معنيٰ ئي غلط پيش ڪئي ويندي آهي، شاگرد سياست ڪندڙ نوجوانن کي ڪيترن ئي لقبن سان نوازيو ويندو آهي، شاگرد سياست کي اهو رخ ڏيندڙ شاگرد سياست خلاف هڪ سازش آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي سٺا پڙهيا لکيا سهڻي ڪردار جا شاگرد اڳواڻ به رهيا آهن. شاگرد سياست جون خاص ڪري سنڌ ۾ آمريت جي دورن ۾ وڏيون قربانيون رهيون آهن، ايوب جو دور هجي يا ضياءُ جو آمريتي دور شاگرد سياست انهن خلاف هميشه جدوجهد ڪئي آهي، جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد اڳواڻ جيلن ۾ بند ڪيا ويا، اهو شاگرد سياست جو ئي ڪمال هو ته شاگرد سياست ڪندڙ ان وقت جا شاگرد اڳواڻ مختلف سياسي پارٽين ۾ وڃي اهم ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ تيار ٿيا، هو پنهنجي عملي زندگي ۾ به ائين کي اڳتي نڪرندا ويا، ڪيترائي اڳواڻ هڪ باشعور انسان وانگي پنهنجي شعور ذريعي سماج کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو شاگرد سياست کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون سازشون ڪيون ويون، شاگردن جا پاڻ ۾ جهيڙا خونريزيون ۽ تعليمي ادارن جو تدريسي عمل هٿ سان برباد ڪري شاگرد سياست کي بدنام ڪيو ويو، هن وقت به شاگرد سياست خلاف سازشون جاري آهن، تعليمي ادارن جي هاسٽلن تي قبضا آهن، جتي ڪتاب هٿ ۾ کڻي ايندڙ شاگردن بجاءِ هٿيار تاڻي ويٺل نظر ايندا، اهو عمل دنيا جي ڪنهن به تعليمي اداري ۾ ناهي، تعليمي ادارن ۾ ته خوشيون هونديون آهن، شاگرد جي شعوري اوسر ٿيندي آهي، گل هوندا آهن، ڇانو دار وڻ هوندا آهن، نوان رشتا جڙندا آهن، پر اسان وٽ شاگرد سياست ختم ٿيڻ کانپوءِ هتي اهڙ افسوسناڪ واقعي ٿي رهيا آهن، جنهن جو مثال نائلا رند سميت تازو ڊاڪٽر نمرتا جو واقعو آهي اڄ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هر روز نيون ديوارون جوڙيون پيون وڃن، هر روز شاگردن جي سڪيورٽي جي نالي تي  بي عزتي ڪئي وڃي ٿي، شاگرد تنظيمون مثبت سرگرمي ڪرڻ کان لاچار آهن، تعليمي ادارن ۾ هڪ خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، جيئن اڳتي هلي ملڪ جو ڪار وهنوار هلائڻ وارن جي ذهني پرورش ۽ شعوري سوچ کي دٻائي سگهجي، جيئن ڪي سٺا دماغ  نه اڀري سگهن، جيڪي اڳتي هلي ڌرتي جي مالڪي جي ڳالهه ڪري سگهن .

ھي به پڙهي سگھو ٿا: معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪرايو

شاگرد يونين جي بحالي لاءِ وڏي عرصي کانپوءِ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران حيدرآباد ۾ مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي سڃاڻ ڌرين ۽ مختلف يونيورسٽي جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي شاگردن، آمريت جي دور ۾ شاگرد يونين تي مڙهيل بندش هٽائي شاگردن کي سندن آئيني ۽ جهموري حق ڏيڻ جي گُهر ڪئي ته جمهوريت جون دعويدار سياسي پارٽيون اقتدار ۾ اچڻ باوجود غير جمهوري دور ۾ شاگرد يونين تي مڙهيل بندش کي ختم نه ڪري سگهيون ۽ هنن اها بندش برقرار رکي، اڄ جو شاگرد ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، شاگرد يونين تي بندش سبب سماج جي مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ نوجوان پيدا نٿا ٿين، تعليمي ماحول انتهائي خراب ٿيل آهي، هاسٽلن جي صورتحال ڏکوئيندڙ آهي، ٽرانسپورٽ جو نظام تباهه ٿيل آهي، تعليمي ادارن مان شاگردياڻين جا لاش ملي رهيا آهن.

هن مارچ ۾ شاگرد اڳواڻن چيو ته شاگرد يونين تي بندش 7 ڏهاڪن تي مشتمل آهي، آمر ضياءَ الحق سواءِ انسان جي ساهه کڻڻ جي سمورين يونين تي بندش وڌي هئي، جنهن ۾ شاگرد يونين به شامل هئي، آهستي آهستي ٻين سمورين يونين تان پندش ختم ٿيندي وئي، سياست تان بندش لٿي، اليڪشن جا مرحلا طئه ٿيڻ لڳا، پر شاگرد يونين تي اڄ ڏينهن تائين بندش پيل آهي، جمهوري حڪومتن به شاگرد يونين تي بندش برقرار رکي، گهڻي عرصي تائين شاگرد يونين تي بندش سبب شاگردن جا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي ويا آهن، شروعاتي سالن ۾ شاگرد يونين نه هجڻ ڪري شاگردن جا پاڻ ۾ جهيڙا ٿيندا هئا، جنهن ۾ ڪيتريون ئي زندگيون ضايع ٿي ويون.

ھي به پڙهي سگھو ٿا: اچو ته! لائبريرين کي مشعل راهه بڻايون!

مارچ ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته اسان وٽ ڪجهه سرڪاري تجزيا نگار ۽ استاد شاگرد يونين ۽ سياست تي پابندي جي حمايت ڪندي جنرل ضياءُ الحق جي فيصلي کي درست قرار ڏئي هٿ ٺوڪيا دليل ڏيندا چوندا رهيا ته شاگرد سياست تعليمي ادارن ۾ پرامن ماحول کي خراب ڪندي تشدد کي هٿي ڏيندي، پر ڇا شاگرد يونين تي بندش کانپوءِ به تعليمي ادارن ۾ تشدد کي روڪيو ويو؟، پر ان سوال جو جواب هنن وٽ ناهي. شاگرد يونين جي نه هجڻ ڪري اڄ ڏينهن تائين شاگردن کي يونيورسٽين ۾ بهتر تعليمي ماحول ميسر ناهي، هاسٽلن کان وٺي لائيبريرين تائين رڳو مسئلا ئي مسئلا آهن. هن چيو ته شاگردن يونين نه هجڻ ڪري فقط شاگرد مسئلن تي ور چڙهيل آهن، پر خاص طور تي شاگردياڻين کي جنسي طور هراسان ڪيو وڃي ٿو. مارچ ۾ اهو وچن ڪيو ويو ته شاگرد يونين جي بحالي واري هن جدوجهد کي اڌ ۾ نه ڇڏينداسين، هن سلسلي کي مستقل جدوجهد ۾ بدلائي شاگرد يونين جي بحاليءَ تائين اڳتي وڌندا رهنداسين، ٻئي مرحلي ۾ قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي سمورين يونيورسٽين جي شاگرد اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪري جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.