چلاس بس حادثي ۾ فوت ٿيلن جي تدفين جاري…!

اسڪردو(ويب ڊيسڪ) بابو سر ٽاپ جي ڀرسان چلاس ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿي ويل مسافرن جي تدفين جو عمل جاري آهي.

تفصيل موجب گذريل ڏينهن شاهراهه ڪاغان تي مسافر ڪوچ جي جبل سان ٽڪرائڻ سبب فوت ويل مسافرن جي تدفين جو سلسلو جاري آهي ۽ فوجي جوانن سميت ٻين ماڻهن کي سندن اباڻن ڳوٺن ڏانهن آندو پيو وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:بابوسر ٽاپ ڀرسان بس حادثو، 10 فوجي اهلڪارن سميت 26 ڄڻا فوت

هڪ مسافرن کي ڪتپانه ۽ هڪ کي گمراه ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، 2 ميتون منٺل ڳوٺ آنديون ويون ۽ 5 مسافرن کي رگيول قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ضلعي کرمنگ جون 2 ميتون باغيچا ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيون ويون ۽ ضلعي گانچي جي 5 ميتن کي ڪندوس ۽ ٿغس جي اباڻن قبرستانن ۾ دفنايو ويو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر جي علائقي بابوسر ٽاپ تي تيز رفتار بس سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ 10 فوجي اهلڪارن سميت 26 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله حادثي جي حوالي سان ٻڌايو هو ته ان ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي چلاس جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويو.

ديامر پوليس ترجمان محمد وڪيل جو ان ڏس ۾ چوڻ هو ته نجي ڪمپني جي مسافر بس اسڪردو کان راولپنڊي ڏانهن وڃي رهي هئي ته بابوسر ٽاپ ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، گذريل رات نڪتل بس صبح سوير ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري جبل سان ٽڪرجي پئي.

هوڏانهن ديامر جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جي هڪ عهديدار راجا اشفاق ٻڌايو ته واقعي ۾ گهڻن فوتين جو واسطو اسڪردو سان آهي، ريسڪيو 1122 ۽ پوليس جي ٽيم حادثي واري هنڌ پهتي ۽ گلگت بلتستان حڪومت کان مڙهه اسڪردو منتقل ڪرڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر جي درخواست ڪئي.

ٻئي پاسي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 10 فوجي اهلڪار به شامل آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب مڙهه هيلي ڪاپٽر جي مدد سان ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) گلگت بلتستان منتقل ڪيا ويا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي آرمي ايوي ايشن جي هيلي ڪاپٽر جي مدد سان سي ايم ايڇ گلگت بلتستان نيو ويو.

هوڏانهن چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباس بابوسر ٽاپ بس حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.