پي آءِ اي جي هوائي ميزبانن تي پابندي….!

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي هوائي ميزبانن تي سوشل ميڊيا تي ويڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پي آءِ اي انتظاميا هوائي ميزبانن تي ڊيوٽي دوران ويڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، هوائي ميزبان اڪثر وقت سوشل ميڊيا تي مختلف ويڊيوز اپ لوڊ ڪندا هئا، ڊيوٽي دوران ويڊيوز ۽ تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ کان منع ڪرڻ جو مقصد ڪم جي رفتار کي بهتر بڻائڻ آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ويڊيو ۽ تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ منع ڪرڻ سان هوائي ميزبانن کي ڊيوٽي دوران هوائي سروس ڏئي سگهندا.

هي به پڙهي سگهو ٿا:پي آءِ اي بنا مسافرن جي جهاز اڏائڻ شروع ڪري ڇڏيا

ان کان اڳ پي آءِ اي ڪريو اڏام دوران دستي گاني جي ويڊيو اپ لوڊ ڪئي هئي، ايئر هوسٽس ۽ فلائٽ اسٽيورڊز جي يونيفارم ۾ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن تي پي آءِ اي انتظاميا نوٽيس وٺندي ويڊيو بڻائيندڙن هوائي ميزبانن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو.

پي آءِ اي اختيارين جو چوڻ هو ته هوائي ميزبانن کي يونيفارم ۾ ويڊيوز بڻائڻ کان منع آهي، سوشل ميڊيا ويڊيو ۾ نظر ايندڙ هوائي ميزبانن کي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ويڊيوز ۾ نظر ايندڙ ميزبانن تي آن نيشنل فلائٽس تان پابندي لڳي وئي.

ياد رهي ته باڪمال ماڻهو لا جواب سروس جي دعويٰ ڪندڙ قومي ايئر لائن ۾ بدانتظامي جي ڪري قومي ناڻي کي 18 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نقصان رسائڻ جو انڪشاف ٿيو هو.

آڊيٽر  جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي انتظاميا جي غفلت بابت اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ته هڪ سال دوران 46 اڏامون بنا مسافرن جي روانيون ٿيون جنهن جي ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.