پرڏيهي وزير سان انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ جي صدر جي ملاقات….!

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي ۾ ڊگهي عرصي واري امن جي قيام لاءِ  گڏيل تڪرارن جو حل اڻٽر آهي.

صدر انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ رابرٽ مالي نيويارڪ ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي شخصيتن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:مودي سرڪار جي قدمن تي ڀارت به ورهائجي چڪو آهي: شاهه محمود قريشي

شاهه محمود قريش چيو ته عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي ظلمن جي پت وائکي ڪري رهيون آهن، هندوستان 5 آگسٽ کان بدترين ڪرفيو لڳائي 80 لک ڪشميرين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، سر بچائيندڙ دوائن ۽ خوراڪ به نه پئي ملي سگهي، خطي ۾ ڊگهي عرصي واري امن جي قيام لاءِ گڏيل تڪرارن جو حل اڻٽر آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو هو ته 19 سيپٽمبر تي وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب وڃي رهيو آهيان، اتي اهم گڏجاڻين کي نظر ۾ رکندي قدم کڻنداسين.
ڪشميرين جي جدوجهد ورهين کان جاري آهي، 5 آگسٽ کان ان تحريڪ نئون موڙ ورتو، ڀارتي قدمن کانپوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو، ڪشمير بابت پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويو، اختلافن باوجود قوم ان مسئلي تي متحد آهي.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جون تنظيمون، ڪشميري توڙي پاڪستاني برادري فعال آهي، مودي سرڪار جي قدمن تي ڀارت به ورهائجي چڪو آهي.
واضح رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائشين هم منصب کي فون ڪري ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائيشن هم منصب سيف الدين عبدالله سان فون تي رابطو ڪيو هو ۽ هن کي والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.