ڪراچي جا گٽر بند ڪندڙ گروپ کي پڪڙڻ جو حڪم….!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمشنر افتخار شالواڻي کي سي سي ٽي وي  جي مدد سان گٽر ن ۾ پٿر ڦٽو ڪندڙ گروپ کي پڪڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ انجنيئر اسد الله خان سنڌ جي وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته مهراڻ هوٽل جي سامهون ۽ آواري ٽاور ڏانهن گٽرن کي پٿر وجهي بند ڪيو ويو هو، ڪالهه شام 49 انچ ڊائياميٽر جا پٿر گٽرن مان ڪڍيا ويا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:مخالف گٽر نالن ۾ پٿر پيا وجهن، معيشت بهتر ٿئي ته سڀ گرفتاريءَ لاءِ تيار آهيون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سي سي ٽي وي جي مدد سان گٽرن ۾ پٿر ڦٽو ڪندڙ گروپ کي پڪڙيو وڃي، جيڪڏهن هڪ ماڻهو به پڪڙيو ويو ته سڄو گروپ سامهون اچي ويندو.

ڪراچي ۾ صفائي سٿرائي جي انتها ناقص صورتحال آهي جنهن جي ڪري شهري سخت پريشان آهن. شهر ۾ ڪچري جي به سياست جاري آهي جڏهن ته مڪاني ادارن ۽ صوبائي حڪومن ۾ ڪير به ذميواري جي لاءِ تيار ناهي ۽ هڪ ٻئي کي خراب صورتحال جو ذميوارا قرار ڏنو ويو.

سازش جي تحت شهر جي گٽرن ۽ سيوريج لائنن کي اڻڄاتل ماڻهن طرفان مٽي جي ٻورين ۽ پٿرن جي ذريعي بند ڪيو پيو وڃي.

 

ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صفائي مهم جي سلسلي ۾ ٻئي ڏينهن ملير جي مختلف علائقن ملير 15، ڪالا بورڊ، قائدآباد، ڀينس ڪالوني جي علائقن جو دورو ڪري صفائي مهم جي ڪم جو معائنو ڪيو هو.
ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، غلام مرتضيٰ بلوچ، مرتضيٰ وهاب، چيئرمين ڊي ايم سي ملير جان محمد بلوچ، ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ملير عبدالحليم جاگيراڻي ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو هو ته صفائي جو ڪم لوڪل گورنمنٽ، ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ ڪي ايم سي جو آهي پر پي ٽي آءِ اسان مٿان الزام هڻي رهي آهي، ان ڪري اهو ڪم مون پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.