سکاري سنڌ جا ڏکارا ماڻهو واري چوڻي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان سنڌي سماج ۽ ساڃاهه وند حلقن ۾ عام آهي، پر هاڻي لڳي ٿو ته اها چوڻي جهڙوڪر سنڌ جو مقدر بڻجندي پئي وڃي، جو گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان سنڌ جي صورتحال ۾ ڪوبه سڌارو نه ٿي رهيو آهي، سک ته پنهنجي جاءِ تي پر زندگي جيڪڏهن ڏکن ۾ به گذري وڃي ته الله جو شڪر ادا ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو،
ٿر، سنڌ جو اهو بدنصيب پرڳڻو آهي جيڪو صدين کان وٺي بک ۽ ڏڪر جو شڪار رهيو آهي، مشڪل سان ڪو اهڙو سال يا ڏهاڪو هوندو جو ٿري عوام سک ۽ خوشحاليءَ سان گذاريو هُجي نه ته ڏڪر، بک ۽ بيماري جهڙوڪر ٿر جو مستقل مقدر رهي ٿي، ايتري قدر جو ٿر جي تاريخ ۾ ڪاري ڏڪر به ڪيئي دفعا پنهنجا پر پکيڙي ٿرين کي بکن ۾ پاهه ڪري ماريو آهي.
پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هاڻوڪي جديد دور ۾ جڏهن ٿر جي ملڪيت ۽ دولت کي کوڙي ڪڍڻ لاءِ ڪيئي منصوبا ۽ رٿائون شروع ڪيون ويون آهن جن ۾ ٿر جي ڪوئلي کي ڪڍڻ جي رٿا به شامل آهي، جڏهن ته ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جا منصوبا پڻ رٿا هيٺ آهن، ان کان سواءِ ٿر جي ٻي معدنيات کي پڻ کوٽي ڪڍيو وڃي ٿو، ٿر جيڪو هاڻي ڪاري سون جي کاڻين جو علائقو آهي، پر افسوس جو اهو ٿر، ٿرين لاءِ موت جو ميدان بڻيل آهي، جتي هاڻي معصوم ٻار روز جي بنياد تي مرن ٿا، جتي هاڻي جانورن سميت انسان به بکن ۾ پاهه ٿي مرن ٿا، جتي نه آهي صحت جي سهولت، نه خوارڪ جي فراهمي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي، ڪيئي ترقياتي رٿائن هوندي به ٿرين لاءِ روزگار جو نه هجڻ اهڙيون تلخ حقيقتون آهن جيڪي ٿرين عوام لاءِ انتهائي مايوسيءَ جو سبب بڻيل آهن.
پر هن وقت ٿر جي حوالي سان جيڪا ڳالهه وڌيڪ افوسوناڪ آهي اُها آهي ٿري عوام جي معصوم گلڙن جو موت جيڪو ڪنهن به طور تي رڪجڻ وارو نه آهي، ٿر ۾ ٻارن جي موت بابت اطلاع آهن ته وڌيڪ پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد هلندڙ مهيني دوران فوت ٿيل ٻارن جو تعداد 40 ٿي ويو آهي، اهو فقط هڪ مهيني اندر مرندڙ ٻارن جو انگ آهي، پر اهڙي نموني جيڪڏهن گذريل مهينن جو وچور ڏسنداسين ته ٿر ۾ هر مهيني جي سراسريءَ جي حوالي سان ڪي پنجاهه کان سٺ ٻارڙا فوت ٿيا آهن، جڏهن ته گذريل سال کان وٺي سنڌ حڪومت جي اهلڪارن، سيڪريٽري، صحت کاتي جي ذميوارن ايتري قدر جو صحت جي وزير پڻ دورا ڪري صورتحال جو جائزو ورتو هو ۽ موقعي تي ڪيئي احڪام پڻ جاري ڪيا هيا،
ٿر جي موجوده صورتحال ٻيو گهڻو ڪجهه نه پر هڪڙو سوال بار بار اٿاري رهي رهي آهي ته آخر ڪار حڪومت آهي ڪٿي، جو ٿر جي صورتحال جو ڪوبه نوٽس نه پيو ٿئي ۽ صورتحال جيئن جو تيئن رهندي پئي اچي، اڄ ٿر ۾ صورتحال سنگين آهي، ضلعي جي ستن ئي تعلقن مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڪلوئي ۽ ڏاهلي جي 26 سئو ڳوٺن ۾ صحت، پاڻي سميت زندگيءَ جون سموريون سهولتون اڻلڀ آهن. جنهن سبب 16 لک ٿري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن، غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص جاري آهي، جنهن سبب مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.
ٿر جي صورتحال جي حوالي سان اسان اڳ به ڪيئي دفعا سنڌ حڪومت جي توجهه ڇڪائيندا آهيون ۽ هاڻي به سنڌ حڪومت جي توجهه ڇڪائي رهيا آهيون ته ٿر ۾معصوم ٻارن جي فوتيگين طرف فوري توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ٻارن جو موت عورتن ۾ خوراڪ جي ڪميءَ ڪري واقع ٿئي ٿو ته ان ڏس ۾ سنڌ کي خوراڪ جي ڪميءَ مرعلق بين الاقوامي ادارن جي سهائتا حاصل آهي جنهن کي فوري طور تي ۽ خاص طور تي ٿر ۾ استعمال ڪرڻ جي ضرورت ۽ ٻارن جي فوتگين کي روڪڻ لاءِ صحت کاتي کي سرگرم ڪري بهتر طور تي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت وٽ نه ته وسيلن جي کوٽ آهي ۽ نه ئي ذريعن جي کوٽ آهي پوءِ به ٿر ۾ ٻارن جون فوتگيون نه رڪجن ته اها انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي، اسان انهيءَ ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته ٿر ۾ ٻارن جي فوتگين طرف فوري توجهه ڏني وڃي.
اڄ ٿر جو عوام تمام گهڻي تڪليف ۾ آهي، تمام گهڻي ڏک ۾ آهي ۽ تمام گهڻي اهنجن ۾ آهي، انهيءَ موقعي تي ٿر جي سياسي قيادت چونڊيل نمائندن ۽ سماج سڌارڪن ۽ سماج جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندڙن سميت ٿر جي خوشحال ۽ سکين ستابن ماڻهن کي پڻ اها گذارش ڪنداسين ته هو اڳتي وڌي ٿر جي مسڪين عوام سان گڏ بيهن ۽ سندن جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.