ايم اين اي محسن داوڙ ۽ علي وزير ضمانت تي آزاد

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خڙقمر ڪيس ۾ گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ علي وزير کي ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ هري پور جيل مان آزاد ڪيو ويو.

پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) ۽ جيل ذريعن موجب خڙقمر حملو ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت ملڻ کانپوءِ ٻنهي کي رها ڪيو ويو.

رهائي کانپوءِ علي وزير ۽ محسن داوڙ جي پارٽي ڪارڪنن جيل ٻاهران آجيان ڪئي ۽ پوءِ کين وٺي پشاور روانا ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.