ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو پاسپورٽ ضبط

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو.

ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي.

عدالت ڪراچي جي ميئر وسيم اختر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توهان ڪراچي جا ميئر آهيو پر شهر لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو.

عدالت وسيم اختر کي پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته توهان کي پاسپورٽ آفيشل وزٽ لاءِ واپس ڏنو ويو هو، جيڪڏهن آفيشل وزٽ نٿا ڪيو ته پاسپورٽ واپس جمع ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.