پنجاب ۾ پيرسن عورت سان بدسلوڪي ڪندڙ پوليس اهلڪار کي نوڪري تان لاٿو ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ سينٽرل پوليس آفيس ٻاهران پيرسن عورتن سان بدسلوڪي ڪندڙ پوليس اهلڪار کي نوڪري تان لاٿو ويو آهي.

محمد آصف جي رويي خلاف آءِ جي پنجاب جاچ جو حڪم ڏنو هو، جاچ رپورٽ ۾ پوليس اهلڪار کي سخت سزا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ کيس نوڪري تان هٽايو ويو آهي.

آءِ جي عارف نواز جو چوڻ آهي ته شهرين سان بدسلوڪي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ اهڙن اهلڪارن جي کاتي ۾ ڪا جاءِ ناهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ پنجاب پوليس جو اهلڪار فرياد لاءِ آءِ جي وٽ ايندڙ هڪ پيرسن عورت سان بدسلوڪي ڪري رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.