ڪشميري ڪنهن جو انتظار پيا ڪن….! سراج الحق ٻڌائي ڇڏيو

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ)  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن جو بيان ۽ ٽوئيٽ کان اڳتي وڌي عملي ڪمن ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي هاڻ حڪومت وٽ ٻه رستا آهن ته جنگ سري نگر ۾ وڙهڻي آهي يا اسلام آباد ۾ وڙهڻي آهي.

سرگوڌا ۾ جماعت اسلامي جي تحت ڪشمير بچايو مارچ کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته وزير اعظم عمران خان جي ايل او سي ڪراس ڪندڙن کي دشمن قرار ڏيڻ واري بيان سان آمريڪا ۽ مودي خوش ٿيا، ان بيان سان ڪشميرين کي پيغام مليو ته توهان کي مرڻو آهي، اسان نه اينداسين، اسان ان بيان کي رد ڪيون ٿا، هاڻ وزير اعظم کي ايڪشن وٺڻ گهرجي.

جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته وزير اعظم صاحب جلسي ۾ اعلان ڪيو ته ايل او سي ڪراس ڪندڙ پاڪستان جو غدار هوندو، آئون پڇڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن انڊيا آزاد ڪشمير تي حملو ڪيو ته پوءِ ڪارروائي ڪنداسين؟ پاڪستان جي عوام جو صبر ٽٽي رهيو آهي، 46 ڏينهن کان اسان جا 80 لک ڪشميري مسلمان اجتماعي قبر ۾ آهن ۽ حڪمران تقريرون ۽ ٽوئيٽ مٿان ٽوئيٽ ڏئي رهيا آهن، ڪشميري پاڪستان جي فوج ۽ پاڪستان جي مجاهدن جوا نتظار ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.