وزير اعظم 21 کان 27 سيپٽمبر آمريڪا جو دورو ڪندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان 21 کان 27 سيپٽمبر تائين آمريڪا جو دورو ڪندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب وزير اعظم عمران خان 21 کان 27 سيپٽمبر تائين آمريڪا جي دوري تي هوندو ۽ 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو جنهن ۾ وزير اعظم والاريل ڪشمير جي صورتحال تي موقف ڏيندو، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان به آگاهه ڪندو گڏوگڏ ئي وزير اعظم آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ سان به خطاب ڪندو.

وزير اعظم عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندو، وزير اعظم نفرت جوڳي تقرير جي خاتمي تي مباحثي سان به خطاب ڪندو. دوري دوران وزير اعظم موجوده حالتن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.