ملڪ ۾ 6 مهينن دوران ڪيترا ٻار جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيا…؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال جنوري کان جون تائين 1300 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو.

غير سرڪاري تنظيمن ساحل سال 2019ع ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جي واقعن جي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن موجب جنوري کان جون تائين 1304 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو.

رپورٽ موجب پنجاب ۾ 652، سنڌ ۾ 458، بلوچستان ۾ 32، خيبرپختونخواهه ۾ 51، اسلام آباد ۾ 90 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 18، گلگت بلتستان جي 3 ٻار جنسي تشدد جو نشانو بڻيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان عرصي دوران رڳو لاهور ۾ 50 ٻار جنسي تشدد جو نشانو بڻيا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 12 ٻارن ۽ ٻارڙين کي مدرسن ۾ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنوري کان جون دوران 729 ۽ 575 ٻار جنسي تشدد جو شڪار ٿيا، ان عرصي ۾ روزاني 7 کان وڌيڪ ٻار جنسي زيادتي جو شڪار ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.