برطانوي شهزادي وليم گهرواري سميت پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي شاهي محلد هلندڙ سال جون ۾ اعلان ڪيو هو ته شهزادو وليم پنهنجي گهروار ڪيٽ مڊلٽن سان گڏ هلندڙ سال جي آخر ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪندو.

شاهي محل پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو هو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۽ ڪامن ويلٿ جي دعوت تي برطانوي شهزادو گهرواري سميت پاڪستان ايندو.

شاهي خاندان شهزادي جي پاڪستان دوري جو مختصر اعلان ڪندي وڌيڪ تفصيل بعد ۾ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ شهزادي جي دوري جي وڌيڪ تفصيل جاري ڪئي وئي آهي.

شاهي محل طرفان ٽوئيٽ جي ذريعي ٻڌايو ويو ته شهزادو وليم پنهنجي گهرواري ڪيٽ مڊلٽن سان گڏ ايندڙ مهيني آڪٽوبر ۾ پاڪستان ايندو.

ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ووي ته شهزادو وليم ۽ سندس گهر واري آغا خان جي دعوت تي آغا خان سينٽر ۾ ٿيندڙ خاص ايونٽ ۾ به شرڪت ڪندا.

ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته آغا خان سينٽر ۾ ٿيندڙ خاص تقريب 2 آڪٽوبر تي ٿيندي ۽ ان ئي تقريب ۾ شهزادو وليم ۽ سندس گهرواري شرڪت ڪندا.

ٽوئيٽ موجب شهزادو وليم ۽ سندس گهرواري 14 کان 18 آڪٽوبر تائين پاڪستان ۾ ئي رهندا.

ياد رهي ته ان کان اڳ برطانيا جي راڻي ۽ شهزادي وليم جي ماءُ ليڊي ڊيانا 1961ع ۾ ڪراچي جي ايوان صدر ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي جڏهن ته 1997 ۾ هن راولپنڊي جو دورو ڪيو ڪيو هو ۽ هن پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان به ملاقات ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.