هاڻ انٽيليجنٽ ڪورٽون به قائم ٿينديون….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻڌل ” انٽيلجنٽ ڪورٽس“ به قائم ڪري رهيا آهيون جنهن جي تحت ججن کي عدالتي مثال ڳولهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ججز کي ماضي جي فيصلن  سان رهنمائي ملندي.

اسلام آباد ۾ عدالت عظميٰ جي نئين ويب سائيٽ ۽ ريسرچ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ٽيڪنالاجي جي مدد سان اڳتي وڌي سگهون ٿا جڏهن ته ماضي ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو سال پهرين مسلمانن کي احساسن ٿيو ته جديد تعليم حاصل نه ڪئي ته دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين.

چيف جسٽس ٻڌايو ته جوڊيشل پاليسي ساز ڪميٽي ماڊل ڪورٽس بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻ اُهي ئي ججز ۽ اُهي وڪيل آهن پر  ٽيڪنالاجي جي ڪري حيران ڪندڙ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪيترن ئي عورت شاهدين  جا بيان ماڊل ڪورٽس واٽس ايپ ويڊيو ڪال تي ريڪارڊ ڪيا ۽ عدالتون اسڪائپ جي ذريعي ڊاڪٽرن جا بيان ريڪارڊ ڪري رهيون آهن.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان 4 ضلعن جي ماڊل ڪورٽن جي ڪارروائي سڌي سنئين سپريم ڪورٽ ۾ ڏٺي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جي انصاف واري شعبي ۾ خاموش انقلاب اچي رهيو آهي، لاهور جي هڪ وڪيل کي ايمرجنسي ۾ پشاور وڃڻو پيو جنهن کان پوءِ ويڊيو لنڪ جي ذريعي پشاور مان ئي دليل ٻڌا ويا .

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ججن وٽ پاڻ ريسرچ ڪرڻ جو وقت ناهي هوندو ان ڪري جديد ريسرچ سينٽر هاڻ ججن کي سهڪار فراهم ڪندا.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته نادرا جي سهڪار کان سواءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ممڪن نه هو ۽ آمريڪي انصاف واري کاتي به پاڪستان جي عدالتن سان گهڻو سهڪار ڪيو.

ان کان سواءِ سندس چوڻ هو ته سال 1991ع ۾ منهنجي ڌيءَ پهرين ڪلاس ۾ ڪمپيوٽر جي ڪلاس ورتي تڏهن کان مون کي ٽيڪنالاجي سان پيار آهي.

سپريم ڪورٽ جي جديد ريسرچ سينٽر جي افتتاحي تقريب سان جسٽس مشير عالم خطاب دوران چيو ته عوام کي ٻڌائڻو پوندو ته کيس انصاف ڪيئن ملي سگهي ٿو، موجوده حالتن ۾ سموريون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن.يول ۾حوير فگحفظ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.