آمريڪي اتحاد ۾ گڏيل عرب امارتن جي به شموليت

 

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن به وچ اوڀر جي پاڻين ۾ جهازن جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪي عسڪري اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.

اماراتي پرڏيهي وزير سالم الزابي موجب اسان جي ملڪ توانائي جي عالمي ضرورتن جي تحفظ ۽ عالمي معيشت لاءِ توانائي جي سلسلي کي جاري رکڻ خاطر ان اتحاد جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.

ان اتحاد ۾ آمريڪا سان گڏوگڏ سعودي عرب، آسٽريليا، بحرين ۽ برطانيا شامل آهن.

آمريڪا ايران سان ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي تيل بردار بحري جهازن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اهو اتحاد قائم ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.