وسيم اختر جون پرويز مشرف ۽ عشرت العباد سان ملاقاتون

دبئي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر دبئي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد سان ملاقاتون ڪيون جنهن دوران ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر دبئي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي. ملاقات  دوران ٻنهي جي وچ ۾ ڪراچي جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهيون ٿيون. وسيم اختر ڪراچي سميت سڄي سنڌ صوبي جي حالتن ۽ صورتحال کان پرويز مشرف کي آگاهه ڪندي چيو ته ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي، ڪراچي کي ڪير به پنهنجي ذميواري سمجهڻ وارو ناهي، شهر کي لاوارث ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته منهنجي دور ۾ جيڪي کاتا بلديا وٽ هئا اُهي واپس ڪيا وڃن، مون پنهنجي دور ۾ جيڪي اختيار ۽ فنڊ ميئر کي ڏنا ائين ئي حڪومتن کي ڏيڻا پوندا، ڪراچي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ميئر کي اختيار ڏيڻا پوندا.

 ٻئي پاسي ڪراچي جي ميئر وسيم اختر دبئي ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد خان سان به اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وسيم اختر چيو ته مڪاني اختيارن جي فراهمي کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، عارضي حل جي بدران مستقل بنيادن تي حل ڳولهڻو پوندو، مسئلا حل ڪرڻا پوندا ته سياسي تلخي ۽ الزامن جي سياست کي ختم ڪرڻو پوندو.

عشرت العباد خان مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي جي ميئر کي پنهنجي سهڪار جي مڪمل خاطري ڪرائي ۽ حڪومت کان اپيل ڪندي چيو ته وفاق ڪراچي جي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ فنڊن جي فراهمي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪراچي جا اسٽيڪ هولڊر به ڪراچي جي ميئر سان سهڪار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.