ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ صحت کاتي جي ميڊيڪو ليگل شعبي جي ماهرن ۽ اختيارين ميڊيڪل جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم تي شڪن ۽ شبهن جو اظهار ڪندي معائني جي تفصيل ۽ يقيني هئڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا.
ڄاڻايل ماهرن موجب ان رپورٽ ۾ ڪجهه خاميون ۽ اهم ڄاڻ ۽ حقيقت شامل ناهي.
ميڊيڪو ليگل شعبي جي سان سلهاڙيل هڪ سينيئر عهديدارن نالو ظاهرنه ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌايو ته تصوير ۾ تصويرن ۾ نظر ايندڙ ڦاهي جا نشان رئي جي ڪري ناهن پر ڪنهن رسيءَ جهڙي شئي جا آهن.
هڪ ٻئي ماهر موجب پوسٽ مارٽم ۾ چيو ويو هو اِهو آپگهات هو پر ڦاهي جا نشان گهٽا ڏيڻ جا آهن.
معائني جي رپورٽ موجب شاگردياڻي جي موت ۽ پوسٽ مارٽم جي عمل وچ ۾ 11 کان 12 ڪلاڪن جو فرق هو پر تصوير ۾ نظر ايندڙ ڄاڻ 24 ڪلاڪ پراڻي آهي ڇو ته لاش خراب ٿيڻ جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا.
ماهرن موجب لاڙڪاڻي ۾ ٿيل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ لاش جي خراب ٿيڻ جو ذڪر ناهي ان جي بدران اِهو لکيو ويو آهي ته پوسٽ مارٽم وقت لاش تازو هو.
ماهرن جو اِهو به چوڻ هو ته بابت به سوال جنم پيا وٺن ته هڪ 5 فٽ قد جي ناري ڪئين پنهنجي پاڻ کي 15 فٽ ڊگهائي تي لڳل پکي سان ٽنگي ڇڏيو.
ان کان سواءِ ميڊيڪو ليگل ڊپارٽمينٽ ۾ اختيارين جو چوڻ هو ته بهتر ٿيندو ته نمرتا جي پوسٽ مارٽم لاءِ هڪ مڪمل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ها ۽ ان جي لاءِ لاش کي ڪراچي موڪليو وڃي ها.
ذريعن موجب اِها ڳالهه به سامهون آئي ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ باقاعده ميڊيڪو ليگل ڊاڪٽرز ئي موجود ناهن.
هن انڪشاف ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ ميڊيڪو ليگل شعبي ۾ سڌارا آڻڻ ۽ سڄي صوبي ۾ پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ هڪ پرفارما تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.