عمران خان جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

جده(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب جي شهر جده پهتو، جتي هو سعودي عرب جي ولي عهد سميت اعليٰ قيادت سان والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ان ملاقات جي حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تصويرون شيئر ڪيون ۽ ٻڌايو ته وزير اعظم عمران خان سعودي ولي عهد کي ڀارت طرفان 5 آگسٽ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان پوءِ وادي ۾ جاري سفاڪيت بابت تفصيل کان آگاهه ڪيو.

وزير اعظم هائوس مان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو ته سعودي ولي عهد سان ملاقات دوران عمران خان سعودي تيل جي ٺڪاڻن تي حملي جي به مذمت ڪئي.

پڌرائي ۾ چيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ پائيدار لاڳاپن بابت  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ان کان اڳ جده جي رائل ٽرمينل تي مڪي جي گورنر خالد الفيصل بند عبدالعزيز وزير اعظم عمران خان جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير راجا علي اعجاز، قونصل جنرل خالد مجيد، سعودي اختياريون ۽ قونصليٽ جا آفيسر به موجود هئا.

ان کان اڳ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل هڪ جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته وزير اعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس ۾ شرڪت کان پهرين سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته وزير اعظم ڪشمير مسئلي جي سلسلي ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان مسلسل رابطي ۾ آهي.

دوري دوران وزير اعظم سعودي قيادت سان ڀارت طرفان ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي کان پوءِ والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هلندڙ سال فيبروري ۾ سعودي ولي عهد جي پاڪستاني دوري کان پوءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سهڪار جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا تيزي سان هٿي به وٺن.

ترجمان چيو ته ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مختلف رخن تي به ڳالهيون ڪندو.

يول ۾حوير فگحفظ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.