افغانستان ۾ ڪار بم ڌماڪو، 20 ڄڻا مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏاکڻي حصي ۾ ٿيل هڪ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا مارجي ويا.

زابل صوبي جي گورنر ٻڌايو ته بارود سان ڀريل گاڏي هڪ اسپتال ڀرسان ڌماڪي سان ڦاٽي پئي.

ٻن صوبائي اهلڪارن دعويٰ ڪئي آهي ته ان بم حملي جو نشانو اسپتال هئي، جڏهن ته طالبان موجب انهن جو هدف افغان سيڪيورٽي فورسز جي هڪ عمارت هئي.

ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 95 ٻڌايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.