ڊائيٽنگ کان سواءِ وزن گھٽائڻ جو سولو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اها ته هاڻ گھڻي حد تائين ماڻهن کي خبر پئجي چڪي آهي ته جسماني وزن ۾ واڌ صحت لاءِ سٺي ناهي هوندي، پر اها واڌو چرٻي گڏيل صحت لاءِ ڪيتري نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.

حقيقت ۾ طبي ماهرن ته ان کي صحت لاءِ گهڻو خطرناڪ قرار ڏيندا آهن جنهن سب ڪيترائي موت مار مرض ٿين ٿا.

جي ها حقيقت ۾ ٿولهه گھڻن مرضن جو سبب بڻجي سگھي ٿي، جن مان ڪجهه ته واضح ٿيندا آهن، جڏهن ته ڪجهه ڊگھو وقت گذرڻ بعد سامهون ايندا آهن.

ڪيترائي ماڻهو ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڊائيٽنگ کي ترجيح ڏيندا آهن پر عام طور تي اهو طريقيڪار گھڻو ڪارائتو ثابت ناهي ٿيندو، پر ابتڙ جسماني وزن ۾ واڌ جو امڪان هوندو آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ سواءِ ڊائيٽنگ جي به ممڪن آهي ۽ ان ڪري اوهان هيٺيان طريقا آزمائي سگھو ٿا.

آرام ۽ سڪون سان کائو

20 منٽن جو ٽائيم سيٽ ڪيو ۽ گرهه سٺي طرح چٻاڙڻ شروع ڪيو، اهو جسماني وزن ۾ گھٽتائي يا ٿولهه کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪجهه بهترين عادتن مان هڪ آهي ۽ پيچيدهه غذائي پلان جي به ضرورت ناهي پوندو. خوراڪ ۾ موجود هر شيءَ کي سٺي طرح چٻاڙيو ۽ ننڍا گرهه کائو ڇو جو ائين ڪرڻ جو واسطو کاڌي مان سٺي طرح مزو وٺڻ سان گڏ جسم ۾ پيٽ ڀرڻ جو احساس ڏياريندڙ هارمونز کي حرڪت ۾ آڻڻ سان هوندو آهي.

گهڻي تيزي سان کائڻ جي نتيجي ۾ معدي کي دماغ کي اهو ٻڌائڻ جو وقت ناهي ملندو ته اهو ڀرجي چڪو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهو گھڻو کائي ويندا آهن.

گھڻي ننڊ

هر رات هڪ ڪلاڪ وڌيڪ ننڊ هڪ سال ۾ جسماني وزن کي 4 ڪلو تائين گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي. اها ڳالهه آمريڪا جي مشي گن يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي هئي. نتيجن مان خبر پئي ته ويهڻ ۽ بي مقصد کائڻ بدران ننڊ ڪرڻ گڏيل ڪيلوريز ۾ 6 سيڪڙو واڌ گھٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي، ڇو جو اهڙا شاهد موجود آهن ته 7 ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ ڪرڻ سان کائڻ جي خواهش وڌي ويندي آهي ۽ بک گھڻي لڳندي آهي.

ڀاڄين ۽ ميون کي ترجيح ڏيڻ

ڀاڄين ۽ ميون جو گھڻو استعمال جسماني وزن ۾ گھٽائي جو هڪ بهترين ذريعو آهي، انهن ٻنهي ۾ فائبر ۽ پاڻي جو گھڻو مقدار پيٽ کي گھٽ ڪيلوريز ۾ ڀرڻ لاءِ مددگار آهي.

يخني

ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو يخني پيئڻ گڏيل ڪيلوريز جي انگ ۾ گھٽتائڻ آڻڻ مدد ڪندو آهي، يخني جو سوپ ماني کائڻ کان اڳ پيئڻ سان ماڻهو تڪڙو کائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي.

مٺڻ شربتن کان پاسو

سوڊا يا ٻين مٺن شربت جي جاءِ پاڻي يا زيرو ڪيلوريز شربتن کي ڏيو جنهن سان جسم 10 چانهه جا چمچا کنڊ کي هضم ڪرڻ کان بچائيندو، ليمو، ڦودنو يا اسٽرابيري جو ذائقو بهتر بڻائي سگھجي ٿو، مٺڻ شربتن ۾ موجود سيال چيني جسم جي پيٽ ڀرڻ واري احساس کي باءِ پاس ڪري ويندي آهي ۽ گھڻيون ڪيلوريز جسم جو حصو بڻجي وينديون آهن.

ڊگھي ۽ سنهڙي گلاس ۾ پاڻي پيئڻ

جي ها ننڍي پر گھڻي ويڪري گلاس جي جاءِ تي ڊگھي پر سنهڙي گلاس کي ترجيح ڏيڻ ڊائيٽنگ کان سواءِ سيال ڪيليوريز ۽ جسماني وزن گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو، ڇو جو اهڙي طرح جي گلاس جو استعملا جوس، سوڊا ياڪنهن به شربت جي مقدار کي 25 کان 30 سيڪڙو تائين گھٽ ڪري ڇڏيندو آهي.

گرين ٽي

گرين ٽي پيئڻ جي عادت به امڪاني طور تي جسماني وزن ۾ گھٽتائي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي، ڪجهه تحقيق رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان سان شربت جو استعمال جسم جي ڪيلوريز ساڙڻ جي صلاحيت کي عارضي طور تي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، جنهن جو سبب ان ۾موجود جزا آهن، گھٽ ۾ گھٽ اهو سافٽ ڊرنڪس جي ڀيٽ ۾ جسم کي گھٽو تازو ڪري ڇڏي ٿو.

گوشت جو گھٽ استعمال

ضروري نه آهي ته رڳو ڀاڄين تائين محدود ٿي وڃو پر گوشت جو استعمال گھٽ ڪرڻ جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، دالين، ڀاڃين سان به جسم کي اهم غذائي جزا ملي ويندا آهن پر گوشت به ضروري آهي ته استعمال گھٽ ڪيو يعني لمٽ ۾ کائو.

نوٽ: اهو مضمون عام ڄاڻ لاءِ آهي. ان تي عمل ڪندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر کان صلاح مشورو وٺن.

 

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.