قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن جو اسپيڪر ڊائيس آڏو احتجاج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن خورشيد شاهه جي گرفتاري ۽ وفاقي وزير مراد سعيد جي ڳالهه جو جواب ڏيڻ لاءِ وقت ملڻ تي اسپيڪر ڊائيس آڏو احتجاج ڪيو.

ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پرويز اشرف نڪته اعتراض تي خورشيد شاهه جي گرفتاري جو معاملو اٿاريو. هن چيو ته پارليامينٽيرينز کي ڄاڻي واڻي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، خورشيد شاهه پارليامينٽ جو سينيئر ميمبر آهي، ڇا خورشيد شاهه ڀڄي وڃي ها، جيڪڏهن کيس سوالنامو موڪليو وڃي ها ته هو جواب ڏئي ڇڏي ها، اوهان چئي رهيا آهيو ته بزنس مين ۽ بيوروڪريٽ کي گرفتار نه ڪنداسين، ڇا رڳو پارليامينٽيرينز ئي گرفتار ڪرڻ لاءِ آهن، اوهان کي ڪو جاچ کان نٿو روڪي، جڏهن ثبوت هجي تڏهن گرفتار ڪيو، خورشيد شاهه کي ڇو گرفتار ڪيو ويو، ڇا نيب اسپيڪر کي تفصيل ٻڌايا؟، اسان کي به ٻڌايو وڃي ته هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو. جنهن  کان پوءِ  اپوزيشن ميمبرن  ايوان ۾ شيم شيم جا نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا.

راجا پرويز اشرف چيو ته ائين نه هلندو  ته رڍن ۽ ٻڪرين جيان ميمبرن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيڪڏهن اسپيڪر پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندو ته اسان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪنداسين، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي مائيڪ بند ڪري ڇڏي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اوهان ڳالهائي ورتو، ايوان کي قائدن تحت هلائيندس. اپوزيشن جي احتجاج تي ڊپٽي اسپيڪر مائيڪ کولي ڇڏيو.

خواجه آصف

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو ته حڪمرانن جي اشرافيا ۾ واحد سياستدان آهن جو هڪ ٻئي جي دشمني ۾ سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن اسان جون ساٿين جون  پاڙون ڪٽين ٿا ٻين ادارن جا اوزار بڻجن ٿا ته جمهوريت جو نقصان ٿئي ٿو،  ايوان جي ڪنهن به ميمبرن جي حقن تي ضرب اچي ٿي ته ان جو سڀ دفاع ڪيو، تقاضا آهي ته اسپيڪر جي ڪرسي کان هن ايوان جي هر ميمبر جو تحفظ ٿئي، خورشيد شاهه جي ٽن ورهين جي رويي جو شاهد آهيان، هن ايوان جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ ڪئي، خدانخواسته اهو وقت اوهان تي آيو ته اسان بچاءَ ڪنداسين، ٻاهر اڄ ان ڪري احتجاج ڪيو جو اسان کي اسپيڪر جي ڪرسي مان مايوسي ٿي، اوهان جون وفاداريون اسان جي حلف تي حاوي نٿيون ٿي سگھن.

يوسف ٽالپر

پ پ اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر چيو ته خورشيد شاهه جيئن گرفتار ٿيو ان تي به ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گھرجي، گھر جو ڀتيون اورانگهيون ويون، چادر ديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو، نيازي حڪومت شريف ماڻهو کي گرفتار ڪيو ان جي مذمت ڪيان ٿو.

نويد قمر

پ پ جي نويد قمر چيو ته چونڊيل نمائيندن جو خيال رکندڙ اسپيڪر هوندو آهي، اپوزيشن جي سامهون وارين بينچز تان ڪيترا ميمبر اٿاريا ويا، ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي ۽ بحران آهن ڇا اپوزيشن کي گرفتار ڪرڻ سان حل ٿي ويندا.

مراد سعيد

اپوزيشن جي ڳالهين جو جواب ڏيڻ لاءِ وفاقي وزير مراد سعيد پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اپوزيشن ڪاريون پٽيون ٻڌي آئي  ته آئون سمجهو ته ڪشمير لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پوءِ خبر پئي ته پنهنجو روئڻ روئي رهيا آهن، نيب چيئرمين اوهان جو ئي لڳايل آهي، جيڪڏهن سوال اٿي ٿو ته اوهان وٽ پيسو ڪٿان آيو ته جواب هجڻ گھرجي، وزير اعظم اڄ سعودي عرب ۽ پوءِ جنرل  اسيمبلي ۾ وڃي رهيو آهي، اڄ اسان کي پيغام ڏيڻ گھرجي ها ته ڪشمير لاءِ هڪ آهيون.

هن چيو ته خورشيد شاهه کي ميٽر ريڊر جو طعنو ڏنو ويندو آهي، ميٽر ريڊر به الله جو بندو هوندو آهي، خورشيد شاهه تي ڪيس به اڳوڻي گھرو وزير ٺاهيا هئا، اعتزاز احسن چوڌري نثار کي انهيءَ ايوان ۾ ٻڌايو ته تون ڪرپشن ڪنهن جي ذريعي ڪئي، سچ ڳالهه اها آهي ته ٻئي سچ ڳالهائي رهيا هئا، خدارا اپوزيشن ڪڏهن به ڪشميرين لاءِ ڪاري پٽي ٻڌي نه آئي.

مولانا اسعد محمود

جي يو آءِ ف جي مولانا اسعد محمود پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ اٿيو ته پي ٽي آءِ ميمبر عاصمه حديد گوڙ شروع ڪري ڇڏيو. ان دوران عاصمه حديد ۽ جي يو آءِ ف ميمبر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

مولانا اسعد محمود چيو ته عمران خان جي آمريڪا دوري جي ڳالهه ٿي هو اڳ به پنهنجي اقدار لاءِ پنڻ ويو، اڄ به هو پنهنجي اقتدار لاءِ وڃي رهيو آهي، عاصمه حديد اها ئي عورت آهي جيڪا اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو چوندي آهي.

اپوزيشن جو ڊائيس تي احتجاج

مراد سعيد جي تقرير جو جواب ڏيڻ لاءِ  وقت نه ملڻ تي اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪٽر ڊائيس تي اچي ڊپٽي اسپيڪر سان بحت شروع ڪري ڏنو. احسن اقبال چيو ته مراد سعيد اسان کي غدار بڻائي ڇڏيو اوهان اسان کي موقعو ناهيو ڏئي رهيا، مراد سعيد جو مشن آهي ته هو اپوزيشن جي ڪردار ڪشي ڪري. جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته آئون ڪنهن کي به موقعو نه ڏنو، ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندس، ايوان جي روايت آهي اپوزيشن، حڪومت ٻئي هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا آهن.

پارليامينٽ ٻاهران احتجاج

قومي اسيمبلي اجلاس جي سيشن دوران گڏيل اپوزيشن گرفتار ڪيل اڳواڻن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ٻاهران احتجاج ڪيو، ان حوالي سان احتجاجي ڪيمپ به لڳائي وئي آهي، ڪيمپ ۾ مسلم ليگ ن جو رانا تنوير، خواجه آصف، اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي جڏهن ته پ پ طرفان نويد قمر ۽ شازيا مري موجود هئا.

احتجاجي ڪميپ ۾ نواز شريف جي تصوير سان گڏ قيدي برائي تاوان ۽ بي ڏوهه سياسي قيدين کي آزاد ڪيو جا بينر لڳايا ويا، احتجاج ڪيمپ ۾ مسلم ليگ ن جا ترانا لڳائڻ تي پ پ طرفان اعتراض ڪيو ويو، شازيا مري چيو ته پارٽي ترانا نه لڳڻ گهرجن، قومي نغمو لڳايو، جنهن کان پوءِ شازيا مري به پ پ جا ترانا به ڏنا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.