ڪلڀوشن جي بدلي ڪرنل (ر) حبيب جي آزادي جون خبرون بي بنياد قرار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي بدلي پاڪ فوج جي رٽائرڊ ڪرنل حبيب جي رهائي جون ڀارتي خبرون رد ڪري ڇڏيون.

ڪلڀوشن يادو بابت ڀارتي ميڊيا جي خبرن تي ردعمل ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته نيپال مان گم ٿيل پاڪستاني رٽائرڊ ڪرنل حبيب جي ڳولا جاري آهي، سندس گمشدگي ۾ دشمن ايجنسين جو هٿ ٿي سگهي ٿو، ڪرنل رٽائرڊ حبيب 2017 ۾ نوڪري جي انٽرويو جي سلسلي ۾ نيپال ويو ۽ نيپال جي علائقي لومبيني مان گم ٿي ويو.

پرڏيهي ترجمان موجب لومبيني ڀارتي سرحد کان 5 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، ڪرنل رٽائرڊ حبيب کي برطانيا جي جعلي نمبر تان فون ڪئي وئي، جنهن ويب سائيٽ تان رابطو ڪيو ويو، اها ڀارت مان آپريٽ ٿي رهي هئي، ڪرنل رٽائرڊ حبيب جي هوٽل بڪنگ ۽ ٽڪيٽ هڪ ڀارتي شهري ڪرائي هئي.

سندس چوڻ هو ته اهو ئي ڀارتي شهري ڪرنل رٽائرڊ حبيب کي وٺڻ لومبيني به ويو هو، ڪرنل رٽائرڊ حبيب جي ڳولا لاءِ ڀارت کي ڪيترائي ڀيرا درخواست ڪئي پر ڪو جواب نه مليو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.