پاڪستان مودي جي درخواست کي ٿُڏي ڇڏيو….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي طرفان جرمني وڃڻ جي لاءِ  پاڪستاني هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي درخوات ڏني هئي جنهن کي حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ويڊيو بيان ۾ چيو ته هندستان کان درخواست آئي هئي ته وزير اعظم نريندر مودي جرمني وڃڻ چاهي ٿو ۽ 20 تاريخ تي وڃڻ ۽ پوءِ 28 تاريخ تي واپسي ۾ پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري رهيو هو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي صورتحال، هندوستان جو رويو، جيڪو ظلم ۽ بربريت ۽ اُتي جيڪا حق تلفي ٿي رهي آهي ان کي سامهون رکندي فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان هندستان جي وزير اعظم کي اجازت نه ڏينداسين.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڀارتي هاءِ ڪميشن کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

سفارتي ذريعن موجب ڀارتي حڪومت گذريل هفتي هوائي حدن جي استعمال جي لاءِ باقاعده طور تي هڪ درخواست ڏني هئي جنهن تي پاڪستان اعليٰ سطح تي ڳالهيون ڪيون.

سندس چوڻ هو ته مودي جو جهاز 20 سيپٽمبر تي پاڪستاني هوائي حدن مان ٿيندو آمريڪا ويندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيملي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ان کان سواءِ هيوسٽن ۾ ڀارتي ڄاون آمريڪين جي جلسي کي خطاب ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.