محسن داوڙ ۽ علي وزير ضمانت تي آزاد….!

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ بنون بينچ اتر وزيرستان جي علائقي خرقمر حملي ڪيس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن علي وزير ۽ محسن داوڙ جي ضمانت منظوري ڪندي انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

قبائلي  علائقن سان تعلق رکندڙ ٻنهي سياسي اڳواڻن جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي جسٽس ناصر محمد ڪئي ۽ عدالت قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي مهيني ۾ هڪ ڀيرو پوليس اسٽيشن ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

ان کان سواءِ عدالت ٻنهي قومي اسيمبلي ميمبرن کي في ڪس 10 لک رپين جا مچلڪا به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌايو ويو ته قانوني ڪارروائي پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويندو.

ٻنهي اڳواڻن جي وڪيل عبدالليف آفريدي ٻڌايو ته بينچ سلهاڙيل ضمانت ڏني آهي.

هن ٻڌايو ته دهشتگردي جي انت واري قانون 21 ڊي جج کي اختيار ڏيندو آهي ته هو ڪجهه شرطون لاڳو ڪري ضمانت ڏئي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته جج طرفان فيصلو زباني ڏنو ويو پر لکت وارو فيصلو ملڻ جو انتظار آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.