آخري ڪشميري تائين اسان پنهنجي آزادي لاءِ وڙهنداسين…..!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزير اعظم راجا فاروق حيدر جو چوڻ آهي ته ڪشميري عوام پنهنجي جان ۽ مال ۽ عصمتن جي قرباني ڏني آهي ۽ هاڻ انهن وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته آخري ڪشميري تائين هاڻ اِها قوم پنهنجي آزادي جي لاءِ وڙهندي.

اسلام آباد ۾ ٿيل ڪشمير بابت قومي پارليماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي وزير اعظم جو چوڻ هو ته 72 سالن کان ڪشميري عوام آزمائش کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڄمون ۾ نومبر 1947 تي 20 ڏينهن ۾ 2 لک کان ڌويڪ ڪشميرين کي قتل ڪيو ويو ۽ 3 لک کان وڌيڪ ڪشميرين پاڪستان ڏانهن هجرت ڪئي هئي.

سندس چوڻ هو ته اڄ والاريل وادي ۾ هڪ لک کان ڌويڪ شهادتون ٿي چڪيون آهن ۽ 10 هزار اهڙيون عورتون آهن جن کي خبر ناهي ته سندس مڙس گم آهن يا ماريا ويا آهن، 10 هزار عورتن جي آبرو ريزي ڪئي وئي آهي، 10 هزار کان وڌيڪ ٻار يتيم ڪيا ويا آهن، ڪيترائي نوجوان ٻار ۽ ٻارڙيون اکين جي بصرت کان محروم ٿي چڪيون آهن.

هن چيو ته ڀارت پنهنجي پاڻ کي خطي ۾ برطانوي راڄ جو وارث سمجهي ٿو، پنهنجي پاڻ کي اڀرندڙ فوج ۽ اقتصادي قوت سمجهي ٿو جڏهن ته مودي چالاڪي سان ڀارت ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي گڏ ڪري ورتو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي جي اجلاس ۾ به چيو هو ته جيڪڏهن ڪشميرين جو اِهو جهنڊو ڪِري پيو ته ڀارت جو اڳئيون نشانو پاڪستان هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.