عمران فاروق قتل ڪيس: برطانيا پاڪستان کي سموريون شاهديون ڏيڻ تي رضامند

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ عمران فاروق جي قاتلن کي موت جي سزا جا امڪان ختم ٿي ويا ۽ موت جي سزا نه ڏيڻ جي خاطري تي برطانيا پاڪستان کي ڪيس جون سموريون شاهديون ڏيڻ تي رضامند ٿي ويو.

برطانيا ۾ پاڪستاني وڪيل ٽي بي ڪيڊمن راضپي جو خط کڻي پاڪستان پهتو، جيڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

يو ڪي سينٽرل اٿارٽي موجب برطانوي شاهديون ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ٿينديون، ثبوت جوابدار خالد شميم، محسن علي ۽ معظم علي خلاف عدالت ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا.

خط موجب پاڪستان عمران فاروق جي قاتلن کي موت جي سزا نه ڏيڻ جي خاطري هلندڙ سال 26 جون تي ڪرائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.