صلاح الدين کي تشدد ڪري مارڻ جي تصديق

 

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پوليس جي حراست ۾ مري ويل صلاح الدين جي فرانزڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سندس موت تشدد سبب ٿيو.

رحيم يار خان ۾ اي ٽي ايم مشين مان پئسا چوري ڪندڙ جوابدار صلاح الدين جي پوسٽ مارٽم فرانزڪ رپورٽ اچي وئي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار جو موت تشدد سبب ٿيو.

رپورٽ موجب صلاح الدين جي جسم تي 3 کان 4 ۽ 5 سينٽي ميٽرن جا تشدد جا نشان مليا، سندس ڪنڌ، ڪلهي، گوڏي، ساڄي اک ۽ کاٻي ڄنگهه تي تشدد جا نشان موجود هئا، جڏهن ته صلاح الدين جي ڦڦڙن ۾ اهڙي ڪيميڪل جي نشاندهي ٿي، جنهن سان سندس گڙدا سُڪي ويا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صلاح الدين جو موت ذهني ۽ جسماني تشدد سبب ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.