ڊونلڊ ٽرمپ عمران خان ۽ نريندر مودي سان ملاقات ڪندو…

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظم سان ملاقات ڪندس.

ڀارتي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جي وقت ۽ هنڌ بابت ڪجهه نه ٻڌايو پر هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ جو ذڪر ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي حوالي سان گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته آمريڪي صدر جي شيڊيول موجب هو وزيراعظم عمران خان سان هلندڙ مهيني نيو يارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي سائيڊ لائن تي ملاقات ڪري سگهي ٿو.

ڀارتي ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي صدر 22 سيپٽمبر تي هيوسٽن ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي ريلي کي خطاب به ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.